ايڊيٽوريل
اين سي او سي ملڪ ۾ ڪورونا پابندين ۾ وڌيڪ نرمي ڪندي شادي هال ۽ سئنيما گهر کولڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي آهي، اين سي او سي جي جاري ڪيل اعلان مطابق پيٽرول پمپ، ميڊيڪل اسٽور ۽ ٻيو ضروري شين وارو ڪاروبار 24 ڪلاڪ کولڻ جي اجازت هوندي، جڏهن ته ڪاروباري مرڪز رات جو 10 وڳي تائين بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جاري ڪيل اعلان ۾ چيو ويو آهي ته آئوٽ ڊور ڊائن ان جي رات جو 12 وڳي تائين اجازت هوندي، جڏهن ته ان ڊائن ان ۾ 50 سيڪڙو ماڻهن جي اجازت هوندي ۽ صرف ويڪسين لڳرائيندڙ فرد ئي ان ڊور ڊائن ان جي سهولت استعمال ڪري سگهندا، ان ڪري هوٽلن ۽ ريسٽورينٽس جي انتظاميا ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ چيڪ ڪرڻ جي حڪمت عملي ٺاهين، اعلان ۾ چيو ويو آهي ته ان ڊور شادي هالن ۾ به 200 مهمانن جي اجازت هوندي. پر صرف ويڪسين لڳل فردن کي داخلا جي اجازت هوندي. سئنيما گهر به رات جو هڪ وڳي تائين کولڻ جي اجازت هوندي، پر اتي به ويڪسين لڳل فردن کي ئي داخلا جي اجازت ملندي، جڏهن ته پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ ريلوي 70 سيڪڙو سوارين سان هلنديون ۽ اتي مسافرن لاءِ ماسڪ پائڻ لازمي هوندو. هفتي ۾ هڪ ڏينهن سمورو ڪاروبار بند رکيو ويندو پر ڪاروبار بند رکڻ جي ڏينهن جو فيصلو صوبا پاڻ ڪندا. تفريحي پارڪ ۽ سوئيمنگ پول 50 سيڪڙو گنجائش سان کولڻ جي اجازت هوندي پر بارڊرن جي بندش جو فيصلو برقرار رهندو. جاري ڪيل اعلان ۾ چيو ويو آهي ته نوان فيصلا پهرين جولاءِ کان 31 جولاءِ تائين لاڳو هوندا. اسان سمجهون ٿا ته دنيا آهستي آهستي ڪورونا واري خوف کان ٻاهر نڪري وري زندگي طرف اچي رهي آهي ۽ آهستي آهستي ڪاروباري زندگي پڻ روان دوان ٿي رهي آهي، سڌريل دنيا ۾ ويڪسينيشن جو عمل تيز ۽ تڪڙو ٿي رهيو آهي، ماڻهن ۾ شعور آهي ۽ اهي مسئلن کي سمجهندي ان جي حل طرف وڃي رهيا آهن ۽ يقينن دنيا سان گڏ پاڪستان به زندگي طرف موٽي رهيو آهي ۽ تقريبن ٻن سالن جي ڏکئي وقت کانپوءِ هتي به آهستي آهستي معمول جي زندگي جي بحاليءَ طرف وک وڌائي پئي وڃي، جيڪا بهتر ڳالهه آهي، پر اسان وٽ جيئن ته سهولتن جي اڻاٺ آهي، ويڪسين جي کوٽ آهي ۽ ماڻهن وٽ شعور به گهٽ آهي، ان ڪري اسان جو ويڪسين طرف لاڙو پڻ گهٽ آهي، ان حوالي سان ويڪسين جي عمل جي سستي کي دور ڪرڻ جي ضرورت آهي، هيلٿ اينڊ سائنسز يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر جاويد اڪرم چيو آهي ته اسان کي ڪورونا واري معاملي مان مڪمل نجات ۾ 3 کان 4 سال لڳي ويندا، هونئن اهو به خطرو آهي ته ڪورونا جي ٽئين لهر به اچي سگهي ٿي، ان حوالي سان وفاقي حڪومت پڻ ماڻهن کي تياري ڪرڻ جي صلاح ڏني هئي. پر جيڪڏهن اسان ان ٽئين لهر کان ويڪسين وارو مرحلو پار ڪري وياسين ته اسان ڪورونا جي نقصان کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين، اسان سمجهون ٿا ته اڃا به اسان کي احتياطي تدبيرون ۽ اپاءَ ڇڏڻا نه آهن، پر انهن تي سختيءَ سان عمل ڪرڻو آهي، جيستائين دنيا ۾ ڪورونا جو هڪ به مريض موجود آهي، تيستائين ان جو خطرو سرن مٿان لٽڪيل رهندو ۽ پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيس انتهائي درجي تائين گهٽجي ته ويا آهن پر اهي مڪمل ختم نه ٿيا آهن، ان ڪري نرمين جو فائدو وٺڻ دوران اهو سمجهڻ ۽ سوچڻ ضروري آهي ته اسان کي وري به اهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، ان ڪري احتياط جو دامن پڪڙي رکڻو آهي.