ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ بئٽنگ ڪوچ يونس خان چيو آهي ته منهنجي استيعفيٰ ڏيڻ جو تعلق حسن علي سان جهيڙو ناهي،هڪ نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي يونس خان کيو ته حسن علي مون کان معافي ورتي ۽ آئون هن کي معاف ڪري چڪوآهيان، منهنجي استعيفيٰ ۾ حسن وارو معاملي ڳنڊيو پيو وڃي، جيڪو ڪوڙ آهي. يونس خان وڌيڪ چيو ته مون ڪڏهن به عهدي لاءِ پي سي بي ڏانهن ناهي ڏٺو، بئٽنگ ڪوچ جي عهدي جي آفر مون کي خود پي سي بي پاران ڪئي وئي آهي.
174