لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيه ۾ 10 هزار ڪبوتر پراسرار نموني لاپتا ٿي ويا آهي، جنهن ڪري شهري پريشان آهن. رپورٽ مطابق 270 ڪلو ميٽر ريس ۾ 10 هزار ڪبوتر آسمان تي پهچڻ کانپوءِ لاپتا ٿي ويا آهن. شهرين جو چوڻ آهي ته عام طور تي ڪبوتر صبح جو اڏامڻ کانپوءِ ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ واپس اچي ويندا آهن. هوڏانهن ڪبوترن جي واپس نه اچڻ تي شهري پريشان ٿي ويا آهن، سندن چوڻ هو ته لڳي ٿو ڪنهن جو شڪار ٿي ويا آهن.
192