اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته عمران خان جي ويجهي دوست جي اسرائيل وڃڻ بابت جانچ ٿيڻ گهرجي، اسان کي ڳڻتي آهي ته رات جي اونداهه ۾ ڇا ٿيو؟ پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ميڊيا به تحقيقاتي صحافت ڪندو آهي ۽ ان کي به تحقيقات ڪرڻ گهرجي ته عمران خان جو هڪ ويجهو دوست اسرائيل ويو ۽ 10 ڪلاڪ ترسيو، اسان اهو به مطالبو ٿا ڪريون ته جيڪڏهن ان جهاز ڪنهن ٻي ملڪ مان اڏام ڪئي هئي ته ان جي به جاچ ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن ان جهاز ۾ زلفي بخاري نه هو ته پوءِ ڪير هو؟ اها سڄي ڄاڻ عوام سامهون اچڻ گهرجي، ان ڳالهه تي ڳڻتي آهي ته رات جي اونداهي ۾ ڇا ڪيو ويو؟ هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو چيو ته آمريڪا کي اڏا ڏيڻ جي معاملي تي عمران خان جي بيان کي سنجيده نٿا وٺون ڇو ته هو هر معاملي تي يوٽرن وٺندو آهي، ان تي قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس سڀاڻي ( اڄ) ٿيڻ وارو آهي ان ۾ بريفنگ وٺنداسين. افغانستان تي قومي سلامتي ڪميٽي بابت اسان جي تجويز تي اسپيڪر اسد قيصر اجلاس گهرايو آهي، پ پ اجلاس ۾ شرڪت ڪندي، اها ڪميٽي اسان جي ئي تجويز تي ٺاهي وئي آهي. هن چيو ته جيئن اسلام آباد ۾ غير سنجيده ماڻهو ويٺل آهن ايئن ئي سنڌ اسيمبليءَ ۾ پڻ غيرسنجيده ماڻهو موجود آهن جيڪي سمجهن ٿا ته اهي اڃان به ڪنٽينر تي ئي بيٺل آهن. اسين اميد ٿا ڪريون ته اسپيڪر سنڌاسيمبليءَ جي وقار کي برقرار رکندو ۽ واقعي ۾ ملوث سمورن ميمبرن جي خلاف ڪارروائي ڪندو، مخالف ڌر کي اهڙيون حرڪتون نه ڪرڻ گهرجن. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچيءَ جي گجر نالي بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو احترام ڪريون ٿا، سنڌ ڪابينا کي گهرجي ته اها ان فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ لاءِ عدالت کي اپيل ڪري. بلاول ڀٽو هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته لاهور ۾ آصف زرداري سان ملندڙن جي اسان آجيان ڪئي آهي، اڳوڻو صدر لاهور ۾ پنهنجي اسپيشلسٽ ڊاڪٽر سان ملڻ ويو هو، ان جو دورو معمول موجب هو. بلاول ڀٽو چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير واري چونڊن ۾غير جمهوري قوتن کي سولائي سان پنهنجي راند کيڏڻ نه ڏيندي، گلگت بلتستان ۾ اسان کان پنهنجون سيٽون کسيون ويون پر ان هوندي به پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ ميدان خالي ڇڏڻ نه ٿي گهري ته جيئن غير جمهوري قوتن کي جيئن پيو وڻي تيئن ڪنديون رهن.
