187

ادارن ۾سڌارا آڻڻ چاهيون ٿا،سسٽم مان فائدو کڻندڙ مافياز مزاحمت ڪري پئي:وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ادارن ۾سڌارا آڻڻ چاهيون ٿا،سسٽم مان فائدو کڻندڙ مافياز مزاحمت ڪري رهي آهي، پارلياماني ميمبرن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت سنڀالڻ کانپوءِ ڏکين معاشي حالتن کي منهن ڏنو،بهترين بجيٽ پيش ڪرڻ تي معاشي ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته حڪومت ٽن سالن ۾ڏکين حالتن کي منهن ڏنو،هيٺين طبقي کي ڊائريڪٽ سبسڊي ڏينداسين، وزيراعظم خطاب ڪندي چيو ته ڏکيو وقت هاڻ پوئتي رهجي ويو،توهان کي بهتري ۽ سڌارا نظر ايندا، ڪمند ۽ ڪڻڪ جي رڪارڊ پيداوار ٿي آهي، ان باوجود اسان کي درآمد ڪرڻو پوي ٿو، حڪومت سنڀالڻ کانپوءِ سٺين معاشي حالتن کي منهن ڏنو. هارين جي پيداواري خرچ ۽ رٽيل ۾ تمام گهڻو فرق آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته سڄي دنيا ۾کاڌي پيتي جي شين جون قيمتون وڌيڪ آهن،مهانگائي تي جلد ڪنٽرول ڪنداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو