169

ميڊيا جي ادارن کي 70 ڪروڙ روپين جي ادائيگي مڪمل ڪري ورتي آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اطلاعات واري وزارت وزيراعظم جي هدايتن موجب ميڊيا جي ادارن کي 70 ڪروڙ روپين جي ادائيگي مڪمل ڪري ورتي آهي، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهي رهتُون هڪ ڊگهي عرصي کان ادا نه ڪيون ويون هيون، انهن ادائيگين سان ميڊيا ورڪرز جي مالي مسئلن ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ ادارن کي تحفظ مليو آهي، هاڻي به ادارا جيڪڏهن پگهار نٿا ڏين ته اها زيادتي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو