اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ پيپلزپارٽي جي قومي اسيمبلي جي ميمبر سيد خورشيد احمد شاهه جي گرمجوشي سان آجيان ڪئي وئي، قومي اسيمبلي ۾ اسپيڪر پاران پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ کانپوءِ بجيٽ سيشن ۾ شرڪت لاءِ سيد خورشيد احمد شاهه پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ ايوان ۾ داخل ٿيو ته پيپلزپارٽي مسلم ليگ (ن) ۽ جي يو آءِ (ف) سميت ٻين مخالف ڌر ميمبرن پنهنجي سيٽن تي بيهي سندن آجيان ڪئي ۽ ڊيسڪون وڄايون، ڪيترن ئي حڪومتي ۽ مخالف ڌر ميمبرن خورشيد احمد شاهه جي سيٽ تي وڃي ساڻس ملاقات ڪئي ۽ خيريت دريافت ڪئي. انهن ميمبرن ۾ مسلم ليگ (ن) جي خواجه محمد آصف، رانا تنوير حسين، انجنيئر خرم دستگير، تحريڪ انصاف جي نور عالم خان، ثناءُ الله مستي خيل، راجا رياض ۽ جي ڊي اي جي غوث بخش مهر سميت ڪيترائي حڪومتي ۽ مخالف ڌر جا ميمبر شامل هئا.
206