123

پهريون ڀيرو غريبن جي ڀلائي لاءِ روڊ ميپ ڏنو آهي، ٽيڪس چورن کي گرفتار ڪنداسين: شوڪت ترين

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته 74 سالن ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ غريب عوام جي ڀلائي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ روڊ ميپ ڏنو ويو آهي ان جو ماضي ۾ مثال نٿو ملي، ٽيڪس چورن جي خلاف ڪارروائي لاءِ انڪم ٽيڪس ايڪٽ جي شق 203 ۾ سڌارا آندا ويا آهن جنهن جي ذريعي ٽيڪس چورن کي گرفتار ڪنداسين، جيستائين ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي شرح 20 سيڪڙو تائين نه آڻينداسين صورتحال بهتر نه ٿيندي، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو زراعت جي شعبي لاءِ وفاقي حڪومت 62 ارب روپين جي بجيٽ رکي آهي، ان کانسواءِ ڀاڻ تي به سبسڊي ڏني ويندي، ڪو نئون ٽيڪس نه لڳايو ويو آهي، واپاري صارفين کان جيڪو سيلز ٽيڪس وصول ڪندا آهن اسان انهن کان اهو سيلز ٽيڪس وصول ڪنداسين. قومي اسيمبلي ۾ مالي بل 22- 2021ع تي پهرئين ڳڻپ جي موقعي تي بحث کي سهيڙيندي وفاقي وزير شوڪت ترين چيو ته کيس اميد هئي ته اڄ مالياتي بل ۾ ترميمن تي بحث ٿيندي پر ان جي بدران اسان کي تقريرون ٻڌڻ لاءِ مليون، 74 سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ غريب عوام جي ڀلائي ۽ ترقي ۽ خوشحالي لاءِ روڊ ميپ ڏنو آهي ان جو ماضي ۾ مثال نٿو ملي، جڏهن 40 لک گهرن کي گهر ملندا، زراعت ۽ ڪاروبار جي لاءِ وياج کان پاڪ قرض فراهم ٿيندا ته هن ملڪ ۾ خوشحالي ايندي ۽ مخالف ڌر فارغ ٿي ويندي، هن چيو ته ڳڀي، ڪپڙي ۽ اجهي جا نعرا ماضي ۾ به لڳايا ويا هئا موجوده حڪومت ان تي عملدرآمد ڪيو، بجٽ ۾ جيڪي هدف ڏنا ويا آهن اسان انهن کي پورو ڪري ڏيکارينداسين. مهانگائي جو ذڪر ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته هن وقت بنيادي ناڻي واڌ 7 سيڪڙو جي سطح تي آهي جيڪو انهن جي حڪومتي دور ۾ به هو، غذائي ناڻي واڌ ۾ اضافو ٿيو آهي، ان جو بنيادي سبب اهو آهي ته ماضي ۾ زراعت تي پئسا خرچ نه ڪيا ويا، زراعت ۾ سيڙپڪاري نه ٿيڻ جي ڪري اسان کنڊ، کڻڪ، دالين ۽ ٻين غذائي شين جي درآمد تي پرڏيهي ناڻو خرچ ڪري رهيا آهيون، هن وقت عالمي مارڪيٽ ۾ غذائي شين جون قيمتون 10 سالن جي بلند ترين سطح تي آهن، ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان پنهنجي زراعت ۽ زرعي پيداوار کي ترقي ڏيڻي آهي، مالي سال 18 -2017ع ۾ زراعت تي 1.6 ارب روپيا خرچ ڪيا ويا جڏهن ته نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ حڪومت زراعت جي ترقي جي لاءِ 63 ارب روپيا رکيا آهن، ڀاڻ ۽ جيت مار دوائن جي لاءِ ترتيبوار 100 ارب روپيا اضافي آهن، ناڻي واري وزير چيو ته عام ماڻهو جي زندگي جي معيار کي بلند ڪرڻ لاءِ اسان ٽرڪل ڊائون تي نه ڀاڙينداسين، 40 لک گهراڻن جي آمدني ۾ اضافو ڪيو ويندو، جنهن جي نتيجي ۾ غربت گهٽ ٿيندي ۽ چار کان پنج سالن ۾ خوشحالي هوندي، هن چيو ته مخالف ڌر جي ميمبرن پاران آءِ ايم ايف جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جڏهن 20 ارب ڊالر جو خسارو ورثي ۾ ملي ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پوندو آهي، آءِ ايم ايف سخت شرطن تي معاهدو ڪيو،

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو