145

پاڪستان 70 سيڪڙو ايل اين جي ڊگهي مدي واري معاهدن تي خريد ڪندو آهي: فرخ حبيب

اسلام آباد  (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پاڪستان 70 سيڪڙو ايل اين جي ڊگهي مدي واري معاهدن تي خريد ڪندو آهي، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته مسلم ليگ (ن) برينٽ پرائس جي 13.7 سيڪڙو جڏهن ته پي ٽي آءِ 10.2 سيڪڙو تي حاصل ڪري رهي آهي، باقي 30 سيڪڙو ايل اين جي اسپاٽ پرائس تي خريد ڪئي ويندي آهي، هن چيو ته گذريل ڏينهن حماد اظهر مفتاح استعمال کي ڪوڙو ثابت ڪيو، شاهد خاقان عباسي ان شرمندگي تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو