199

افغان صورتحال خطرناڪ آهي، اسرائيل معاملي تي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي:آصف علي زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته حڪومت آهي ئي نه ته ويندي ڪيئن؟ اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پارليامينٽ هائوس پهچڻ تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته صحافي اڳوڻي صدر کان سوال ڪيو ته توهان چيو هو حڪومت هلي ويندي، هاڻ ڪهڙي صورتحال ڏسي رهيا آهيو؟ آصف علي زرداري جواب ڏيندي چيو حڪومت آهي ئي نه ته ويندي ڪيئن؟ هجي ته ويندي نه،  هيءَ ته پِنَ سِنَ واري حڪومت آهي جنهن کي گهليو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته افغانستان جي صورتحال خطرناڪ آهي، ان جا اثر پاڪستان تي پئجي سگهن ٿا، ان حوالي سان اسان کي سوچڻو به آهي ۽ ان تي نظر به رکڻي آهي. اسرائيلي اختيارين سان ملاقاتن تي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پارليامينٽ کي ضرور هر معاملي تي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي. ان کان اڳ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري پنهنجي ڌيءَ آصفه ڀٽو سان گڏ 8 ارب رپين جي شڪي ٽرانزيڪشن جي ڪيس ۾ اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو. آصف علي زرداري حاضري لڳرائي جنهن کان پوءِ عدالت کيس واپس وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. آصف علي زرداري جو وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ پڻ عدالت ۾ پيش ٿيو جنهن پنهنجي اصيل طرفان وڪالت نامو عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو. فاروق ايڇ نائيڪ آصف زرداري جي ضمانت جو فيصلو به عدالت ۾ پيش ڪيو. نيب مشتاق احمد بابت رپورٽ پيش ڪري ڇڏي. احتساب عدالت نيب کي آصف زرداري جي ريفرنس جي نقل فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت مشتاق احمد کي ٻيهر نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 27 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو