198

سعودي عرب مان پرڏيهين پاران ملڪ موڪليل ناڻي ۾ 14 سيڪڙو اضافو

رياض (ويب ڊيسڪ)سعودي عرب ۾ رهندڙ پرڏيهين پاران ملڪ موڪليل ناڻي ۾ 14 سيڪڙو اضافو ريڪارڊ ڪيو ويو آهي، 2020 جي ڀيٽ ۾ هلندڙ سال جي شروعاتي 5 مهينن دوران 7.7 ارب ريال وڌيڪ موڪليا ويا،2020 ۾ 55.5 ارب ريال ملڪ ناڻو موڪليو ويو هو جڏهن ته  هلندڙ سال 63.2 ارب ريال موڪليا ويا آهن، سعودي سينٽرل بينڪ (ساما)جي جاري ڪيل انگن اکرن موجب سالياني بنياد تي مئي ۾ پرڏيهين پاران ملڪ موڪليل ناڻي ۾ 5.9 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو