سکر (ويب ڊيسڪ) سکر جي ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليمي بورڊ جي امتحانن واري ڪنٽرولر رفيق احمد پلهه جي جاري ڪيل پڌرائي موجب سائنس ۽ جنرل گروپن لاءِ ايس ايس سي پارٽ ون ۽ پارٽ ٽو (نائين ۽ ڏهين) جا ساليانا امتحان (سيلبس مان چونڊيل مضمون) 5 جولاءِ کان شروع ٿيندا ۽ 17 جولاءِ 2021ع تائين جاري رهندا. شيڊيول موجب ايس ايس سي پارٽ ٽو (ڏهين) سائنس گروپ جو پهريون امتحاني پيپر پراڻي ڪورس مطابق فزڪس–II، جنرل گروپ جا اڪنامڪس-II، اسلامڪ هسٽري-II 5 جولاءِ 2021ع سومر ڏهاڙي ٿيندو، جڏهن ته 6 جولاءِ تي سائنس گروپ جو ميٿاميٽڪس-II ۽ جنرل گروپ جو سوڪس-II جو پيپر ٿيندو. اهڙي ريت ايس ايس پارٽ-ون (نائون ڪلاس) رُڳو فريش اميدوارن لاءِ نئين ڪورس مطابق 7 جولاءِ اربع ڏهاڙي سائنس گروپ لاءِ ڪيميسٽري-I، جنرل گروپ لاءِ جنرل سائنس-I، 8 جولاءِ خميس ڏهاڙي سائنس گروپ جا بائيولاجي-I، ڪمپيوٽر سائنس-I ۽ جنرل گروپ لاءِ جنرل ميٿاميٽڪس، 9 جولاءِ جمعي ڏهاڙي سائنس گروپ لاءِ فزڪس-I، جنرل گروپ لاءِ اڪنامڪس-I ۽ اسلامڪ هسٽري-I، 10 جولاءِ تي سائنس گروپ لاءِ ميٿاميٽڪس-I ۽ جنرل گروپ لاءِ سوڪس-I جا پيپر منعقد ٿيندا. نوٽيفڪيشن موجب ڪورونا ايس او پيز تحت نائين ۽ ڏهين جي ريگيولر امتحانن لاءِ امتحاني مرڪز قائم ڪيا ويا آهن اميدوار پنهنجي لاڳاپيل تعليمي ادارن مان سينٽر جي سلسلي ۾ معلومات حاصل ڪري سگهن ٿا. ان کان علاوه نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي امپروور/ناپاس اميدوارن لاءِ انگلش-I جو پيپر 12 جولاءِ سومر ڏهاڙي، اردو، آسان سنڌي، اردو-II (بورڊ جي اڳواٽ اجازت سان ٻين صوبن کان ايندڙ شاگردن لاءِ)، جيوگرافي آف پاڪستان-II (رُڳو پرڏيهين لاءِ) جا پيپر 13 جولاءِ تي صبح نائين کان 11هين وڳي تائين منعقد ٿيندا، جڏهن ته شام جي شفٽ ۾ 2 کان 4 تائين نائين ڪلاس جو پاڪستان اسٽڊيز جو پيپر ٿيندو. نائين ڪلاس لاءِ بائيولاجي، ڪمپيوٽرسائنس، جنرل ميٿاميٽڪس (جنرل) جو پيپر 14 جولاءِ اربع ڏهاڙي صبح جو جڏهن ته ميٽرڪ لاءِ اسلاميات، اخلاقيات جا پيپر شام جو ورتا ويندا. 15 جولاءِ تي انگلش-II، 16 جولاءِ تي نائين ڪلاس جا سنڌي (لازمي)، اردو (لازمي) جيوگرافي آف پاڪستان (رُڳو پرڏيهين لاءِ)، 17 جولاءِ تي نائين ڪلاس جو ڪيمسٽري ۽ جنرل سائنس جا امتحاني پيپر ورتا ويندا. بورڊ جي پڌرائي موجب سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تحت نائين ۽ ڏهين جا پريڪٽيڪل امتحان انٽرنل سپرينٽنڊنٽس (ادارن جي سربراهن پاران مقرر ٿيندا) ذريعي منعقد ٿيندا ان ڏس ۾ فوري طور لسٽون مڪمل ڪري ڪنٽرولر امتحانات ڏانهن اماڻيون وڃن. امپروور/ناپاس اميدوارن لاءِ مخصوص سينٽر قائم ڪيا ويا آهن، جنهن تحت گهوٽڪي ضلعي جي سمورن ميل/فيميل اميدوارن لاءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپور ماٿيلو (سينٽر اي پهرين ماڙ) تي امتحاني مرڪز قائم ٿيندو، جڏهن ته سکر ضلعي ۾ سمورن مرد اميدوارن لاءِ گورنمينٽ اسڪول سکر ۽ فيميل اميدوارن لاءِ گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول سکر، خيرپور ضلعي ۾ خيرپور، ڪنگري، ڪوٽڏجي ۽ چونڊڪو نارا جي اميدوارن لاءِ گورنمينٽ ناز پائلٽ سيڪنڊري اسڪول خيرپور (سينٽر اي)، جڏهن ته گمبٽ، سوڀوديرو، ٺري ميرواهه ۽ فيض گنج تعلقن جي اميدوارن لاءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول راڻيپور امتحاني سينٽر مقرر ڪيا ويا آهن. نوٽيفڪيشن ۾ ڪورونا کان بچاءِ جي ايس او پيز تي عملدرآمد لاءِ سمورن شاگردن، انٽرنل، ايڪسٽرنل ۽ ٻئي عملي کي امتحاني سينٽرن ۾ ماسڪ پهرڻ، سينيٽائيزر جي دستيابي، ايس او پيز تحت ويهڻ جو انتظام ۽ هڪٻئي سان هٿ ملائڻ کان پاسو ڪرڻ جون هدايتون ڪيون ويون آهن.
262