111

ڪراچي: قائد آباد ۾ ڦورن ۽ پوليس وچ ۾ مقابلو، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران هڪ ڦورو زخمي ٿي پيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي قائد آباد واري علائقي ۾ واقع مجيد ڪالوني ۾ ڦورن ۽ پوليس وچ ۾ مقابلو ٿي پيو. فائرنگ جي ڏي وٺ دوران هڪ ڦورو زخمي ٿي پيو. پوليس موجب زخمي پنهنجي ساٿين سان گڏ فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي حالت ۾ فرار ٿي ويل ڦورو ڳولا جاري آهي. سرڪاري ۽ خانگي اسپتالن ۾ سندس ڳولا ڪئي پئي وڃي. پوليس عوام کي به اپيل ڪئي آهي ته زخمي حالت ۾ ڪو شڪي ماڻهو ڏسن ته فوري طور تي مددگار 15 تي اطلاع ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو