214

لاڙڪاڻي ۾ بجلي جي پول تي بجلي ٺاهيندي ڪرنٽ لڳڻ سبب خانگي مستري اسپتال ۾ فوت ٿي ويو

لاڙڪاڻو  (ويب ڊيسڪ) لاڙڪاڻي شهر جي عاقل روڊ واري علائقي ۾ بجلي جي پول تي بجلي ٺاهيندي ڪرنٽ لڳڻ سبب خانگي مستري فوت ٿي ويو. لاڙڪاڻي شهر جي عاقل روڊ واري علائقي ۾ بجلي جي پول تي بجلي ٺاهيندي ڪرنٽ لڳڻ سبب ڳوٺ مسو حٻ واسي چئن ٻارن جو پيءُ پرائيويٽ  مستري 35 سالن جو محمد شفيق پٽ غلام نبي ڪنڀر سڙي سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي ڳوٺاڻن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي ڊاڪٽرن پرائيويٽ مستري جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. جيڪي لاش مٿان اوڇنگارون ڏئي روئيندا پڻ رهيا. ان موقعي تي فوتي مستري جي ويجهي مائٽ رضوان ميراڻي ٻڌايو ته محمد شفيق عاقل روڊ جمالي لاڙي واري علائقي ۾ پول تي چڙهي بجلي ٺاهڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب سڙي سخت زخمي ٿيو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل ڪرايو جتي ڊاڪٽرن سندس جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. هوڏانهن فوتي جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي لاش کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو