اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمئن بلاول ڀٽو چيو آهي ته وفاقي بجٽ جي منظوري غيرقانوني آهي، قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر قاعدن جي لتاڙ ڪئي، ووٽ تي ڌاڙو هنيو، کيس جواب ڏيڻو پوندو. اهڙو اظهار هن سنڌ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته قومي اسيمبليءَ ۾ اسان جڏهن آواز واري ووٽ کي چئلينج ڪيو ته اسپيڪر کي ڳڻپ ڪرائڻ گهرجي ها پر ان ايئن نه ڪيو جنهن سان اهو سڄو عمل غيرقانوني ٿي ويو، مون ڳڻپ جو مطالبو ڪيو هو ۽ ڳڻپ ڪرائي وڃي ها ته گهٽ ۾ گهٽ اهو ته پتو پوي ها ته بلاول ڀٽو ان جي مخالفت ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته بجٽ جي منظوري وارو اهو عمل غيرقانوني آهي، مون قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر کي خط لکي ڇڏيو آهي ان کي جواب ڏيڻو پوندو. جيڪڏهن اسپيڪر ان تي ڪارروائي نه ٿو ڪري ته بجٽ جي اها منظوري غيرقانوني ٿيندي، اسپيڪر کي ان جي سياسي قيمت ڀرڻي پوندي. هن چيو ته قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر قاعدن جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ قومي اسيمبليءَ جي تقدس جي لتاڙ ڪئي. اسپيڪر اڄ قومي اسيمبليءَ جي ميمبر جي ووٽ جي حق تي ڌاڙو هنيو.جنهن جي آئون سخت لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو. بلاول ڀٽو چيو ته جيڪڏهن بجٽ ايترو ڀلو آهي ۽ معيشت ترقي پئي ڪري ته پوءِ حڪومتي ميمبر لڪن ڇوٿا؟ هي اسيمبلي به ڌانڌلي سان ٺاهي وئي آهي ۽ بجٽ به آءِ ايم ايف جو ٺاهيل آهي، جيڪو غيرقانوني طريقي سان منظور ڪرايو ويو، پوري دنيا ڏسي رهي آهي ته هي آءِ ايم ايف سان گڏ ويهي بجٽ ٺاهين ٿا ۽ اهو منظور ڪرائين ٿا، اسلام آباد ۾ پوري دنيا جا سفارتخانا پڻ اهو سمورو تماشو ڏسي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اثرائتي اپوزيشن تڏهن ئي ٿيندي آهي جڏهن مخالف ڌر جو اڳواڻ ايوان ۾ هجي، اسان کي اسپيڪر خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ گهرجي. مخالف ڌر جا ميمبر ايوان ۾ موجود نه هئڻ جو غلط تاثر ويو، مون شهباز شريف سان اهو واعدو ڪيو هو ته اجلاس ۾ اسان جا سمورا ميمبر موجود هوندا ۽ مون پنهنجو اهو واعدو پورو به ڪيو. بلاول ڀٽو چيو ته حڪومتي بينچن تان مخالف ڌر جي اڳواڻ تي ٿيل حملي کي آئون ته ڪڏهن برداشت ئي نه ٿو ڪري سگهان، خبر نه آهي ته مسلم ليگ ن وارا اهو ڪيئن ٿا برداشت ڪن.شهباز شريف چونڊ سڌارن بابت اي پي سي گهرائي پيو ان ۾ اسان جو وفد ويندو. هن چيو ته افغانستان جي صورتحال تي اعتماد ۾ ورتو وڃي ۽ ان لاءِ قومي سلامتي جي فورم کي استعمال ڪيو وڃي.
169