220

سنڌ اسيمبلي آڏو اپوزيشن ميمبرن جو هنگامو،تالا ٽوڙڻ ۽ گيٽ مٿان چڙهڻ جي ڪوشش

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي آڏو اپوزيشن ميمبرن جو هنگامو،تالا ٽوڙڻ ۽ گيٽ مٿان چڙهڻ جي ڪوشش، ڇڪتاڻ، رپورٽ موجب پي ٽي آءِ ميمبر پابندي مڙهيل ايم پي ايز کي هار پارائي اسيمبلي وٺي آيا،گيٽ وٽ عملي دهل شرنائين وارن کي روڪيو، گيٽ تي تلاشي دوران گوڙ ٿيو، ميمبرن تالا ٽوڙڻ ۽ گيٽ مٿان چڙهڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تان سيڪيورٽي عملدارن ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۾منهن ماري ٿي پئي، جنهن کانپوءِ پي ٽي آءِ ايم پي ايز کي اندر اچڻو ڏنو ويو، ايوان ۾پڻ گوڙ ٿيو، اسپيڪر آغا سراج دراني کين خاموش رهڻ لاءِ چوندو رهيو، اسپيڪر آغا سراج در اني اپوزيشن ميمبرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڪالهه گهٽيا حرڪت ڪري ايوان جي توهين ڪئي وئي، عملي کي گهٽ وڌ ڳالهايو،لتون هنيو ۽ ڌمڪيون ڏنيون. سڄي دنيا اهو تماشو ڏٺو، پورهيت ايم پي ايز ۾ عملي سان وڙهيو، 30 سالن ۾ مون اهڙو ماحول ناهي ڏٺو. هن چيو ته رات هڪ ڪوڙو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ منهنجي صحيح ٿيل هئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو