178

آمريڪا ڀلي ڪيڏو به دٻاءُ وجهي،پاڪ_چين لاڳاپن ۾ ڪا به تبديلي نه ايندي: وزيراعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آمريڪا ڀلي ڪيڏو به دٻاءُ وجهي،پاڪ-چين لاڳاپن ۾ڪا به تبديلي نه ايندي، نه ئي لاڳاپا خراب ٿيندا، چيني ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان تي چين سان لاڳاپا گهٽ ڪرڻ جو آمريڪي دٻاءُ غيرمنصفاڻو آهي،اسان جڏهن ڏکيائين ۾هئاسين ته چين ساٿ ڏنو، هن چيو ته پاڪستانين جي دل ۾چيني عوام لاءِ وڏي عزت آهي،ڏکئي وقت ۾ساٿ ڏيندڙ ياد رهندا آهن،پراڻا لاڳاپا آهن، وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته پاڪستان آمريڪا جي دٻاءُ ۾ اچي چين سان پنهنجا لاڳاپا خراب نه ڪندو،علائقائي اتحاد ٺاهي معاملي کي پيچيده ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڀارت کي به ”ڪواڊ“ نالي اتحاد ۾شامل ڪيو ويو آهي،پاڪستان سمورن ملڪن سان سٺن لاڳاپن جو خواهشمند آهي. وزيراعظم چيو ته اولهه طاقتن جون پاڪستان کي ڪنهن هڪ اتحاد کي چونڊ لاءِ دٻاءُ وجهڻ صحيح ناهي، واپار جي ذريعي چين جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪري سگهجي ٿو. سي پيڪ پاڪستان جو مستقبل آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو