220

سکر ۾ سڱاوتي تڪرار تان شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو، ڀاءُ زخمي

سکر (ويب ڊيسڪ) سکر ۾ سڱاوتي تڪرار تان شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو، ڀاءُ زخمي، ان سلسلي ۾ نئين پنڊ ٿاڻي جي حد چاچڙ پاڙي اسلام ڪالونيءَ ۾ غوث بخش، ڪمال ۽ قطب الدين شر برادري جي ماڻهن مٿان حملو ڪيو، فائرنگ سبب 2 سڳا ڀائر عبدالرحمان ۽ منير شر زخمي ٿي پيا، واقعي بعد جوابدار آسانيءَ سان فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، زخمي ڀائرن کي نازڪ حالت ۾ سکر اسپتال آندو پئي ويو ته عبدالرحمان پٽ شريف شر رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو، منير کي علاج لاءِ داخل ڪيو ويو، هوڏانهن نوجوان جو لاش اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو هو، جڏهن ته پوليس 3 شڪي گرفتار ڪري ورتا هئا. جڏهن ته وڌيڪ گرفتارين لاءِ ڇاپن جو سلسلو هلندڙ هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو