193

شادي بابت جهڙي تهڙي سان منهنجو نالو نه ڳنڍيو وڃي:حريم شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شادي جي حوالي سان مشهوري ماڻيندڙ ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه انسٽاگرام تي پنهنجو نئون وڊيو جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ هن عوام کي گذارش ڪئي آهي ته شادي بابت جهڙي تهڙي سان منهنجو نالو نه ڳنڍيو وڃي، هن چيو ته اڳ ۾نه منهنجو ڪو بواءِ فرينڊ هو،نه ئي منهنجو ڪنهن سان تعلق هو، مشهوري لاءِ ڪنهن سان وڊيو ٺاهيان ٿي ته ان جو مطلب ان سان ڪو تعلق ناهي، جيڪڏهن منهنجو ڪنهن سان ڪو تعلق هجي ها ته اهو ٻڌائي ڇڏيان ها، مان واضح لفظن ۾چوان ٿي ته منهنجي شادي پيپلزپارٽي جي صوبائي وزير سان ٿي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو