187

سنڌ اسيمبلي ۾مخالف ڌر سبب افسوسناڪ صورتحال کي منهن ڏيون پيا: ناصر شاهه

حيدرآباد/هالا(ويب ڊيسڪ) صوبائي وزير اطلاعات ۽ مڪاني ادارا سيد ناصر حسين شاهه  ۽ صوبائي وزير تعليم سعيد غني اڄ مخدوم هائوس هالا پهچي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽرمخدوم رفيق الزمان سان سندس امڙ جي لاڏاڻي تي عذر خواهي ۽ ٻنهي اڳواڻن  دعا ڪئي آهي ته رب پاڪ مرحومه کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا ڪري ۽ پونئيرن کي صبر جي توفيق ڏئي، بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير سيد ناصر شاهه  چيو ته  سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي ڪري انتهائي افسوس ناڪ صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهيون، قومي اسيمبلي ۾ پيپلزپارٽي جو اهڙو رويو ناهي، پي ٽي آءِ نئين پارٽي آهي ٻيهر ان جي چونڊجڻ جو امڪان ناهي، سنڌ اسيمبلي ۾ پهرين اهڙي صورتحال نه ٿي هئي جيڪا انهن پيدا ڪئي آهي، پي ٽي آءِ وارا فقط گوڙ ۽ هنگامو  ڪرڻ گهرن ٿا، هن چيو ته اڄ سنڌ اسيمبلي ۾ دهلن شرنائين سان ٻاهران ماڻهو وٺي آيا، جن کي سيڪيورٽي اهلڪارن روڪيو، پي ٽي آءِ وارا سيڪيورٽي تي مقرر غريب اهلڪارن سان وڙهي پيا  جيڪي پنهنجو فرض ادا ڪري رهيا هئا، مخالف ڌر جي اهڙي رويي جي مذمت ڪيون ٿا، سيد ناصر حسين شاهه چيو ته مخالف ڌري جو ڪم حڪومت جي خامين ۽ ڪمزورين  کي سامهون آڻڻ آهي، اسيمبلي ۾ جنازا کڻي اچڻ ۽ تڪراري صورتحال پيدا ڪرڻ مخالف ڌر جو ڪم ناهي، جي ڊي اي  وارن گوڙ  ۾  حصو نه ورتو، جي ڊي اي اڳواڻ نند ڪمار پي ٽي آءِ جي عمل جي مذمت ڪئي ۽ ايم ڪيو ايم به ساٿ نه  ڏنو، مخالف ڌر جي ٻين پارٽين به سندن حمايت نه ڪري رهيا آهن  هڪ سوال تي صوبائي وزير اطلاعات چي ته پي ٽي آءِ وارن ڪوڙ ڳالهائي  ۽ يوٽرن وٺي ملڪ جي صورتحال خراب ڪري ڇڏي آهي، معيشت جي بهتري جا ڪوڙا دعويٰ ڪندا آهن پر عام ماڻهو سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو