ليکڪ: خادم حسين سيلرو
ادب جو شاگرد هئڻ جي ناتي ڪتاب پڙهڻ منهنجي مجبوري ۽ اڳتي هلي شوق بڻجي ويو، ۽ جڏهن توهان ادب جي تاريخ جا شاگرد آهيو ته پوءِ توهان کي هر ڪتاب پڙهڻو پوندو آهي جنهن سان ئي شعور ۾ واڌارو ٿئي ٿو، اهڙا ڪيترا ئي ڪتاب آيا ويا ، پڙهيا ، پرجهيا، سمجهيا جن جي پڙهڻ کان پوءِ هڪ ته عقل جا دروازا کليا ۽ ٻيو جيڪا تاريخ منهنجي لاءِ لڪيل هئي اها ظاهر ٿي بيٺي، خاڪن، تاثراتن ۽ شخصيتن تي مضمونن جا ڪتاب مون اڳ به پڙهيا آهن پر پروفيسر خالد چنا جو ڪتاب ”سنڌ جن جي ساهه ۾“ پڙهڻ کان پوءِ اهي شخصيتون بلڪل اڳيان گهمندي ڦرندي نظر آيون ۽ خاص طور سگا ( سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن ) جو ڪافي سالن کان نالو ٻڌندا پئي آياسون حقيقت ۾ اها ڇا هئي، ڇا ڪندي آهي سنڌ ۾ ان جو ڪهڙو ڪردار آهي ؟ اهي اهڙا سڀ سوال هئا جن جو جواب ، پروفيسر خالد چنا پاران مختلف شخصيتن تي لکيل مضمونن جي ڪتاب ”سنڌ جن جي ساهه ۾ “ پڙهڻ کان پوءِ آيو.هن مختلف شخصيتن تي ڪمال جا مضمون لکيا آهن ، گڏوگڏ سگا جي پوري پنجاهه سالن جي تاريخ کي آئيني جيان اڳيان آڻي بيهاري ڇڏيو آهي.ڪتاب ۾ ڪردارن جي چونڊ کان ويندي، انهن جي ترتيب، سهيڙ وارو مواد، لکڻي، ٻولي نهايت سولي ۽ بيهڪ ۾ نج ٺيٺ سنڌي آهي. لفظن جي چونڊ ۽ بيهڪ پڻ هڪ پروفيشنل ليکڪ جو ڏس ڏئي ٿي. ڪتاب ۾ ٻوليءَ جو لهجو ۽ ڏانءُ به نهايت وڻندڙ آهي. ”سنڌ جن جي ساهه ۾!“ ڪتاب نهايت ئي اهم ڪتاب آهي، جيئن تاريخ جي مختلف جنگجوئن کي اسين ياد ڪريون ٿا، ساڳيءَ طرح هيءَ به جهالت ۽ پسماندگيءَ خلاف شعور ۽ سماجي ڀلائيءَ جي هڪ جنگ آهي ۽ هن ۾ شامل هر سپاهيءَ جو پنهنجو ڪردار آهي. چاهي هو ڪهڙي به مورچي تان وڙهي رهيو هجي. هيءُ ڪتاب اهڙن ئي جنگجو سالارن ۽ سپاهين جي تعارف تي ٻڌل آهي. هن ڪتاب ۾ شامل ڪيترائي ڪردار اهڙا آهن جن جي ڪمن، فن ۽ فڪر جا گهڻا پاسا آهن، خالد حسين چنا اصل ۾ سگا جي اهڙن هڪ سئو کان وڌيڪ ڪردارن تي لکيو آهي، جيڪي تاريخ جي ورقن ۾ نهايت مانائتي جڳهه ملڻ جا مستحق آهن، هن انهن مان اڌواڌ ڪردارن تي سنڌيءَ ۾ ۽ اڌ تي انگريزيءَ ۾ لکيو آهي، جنهن جا سبب پڻ وٽس آهن. جڏهن ته هن انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب کي الڳ ۽ سنڌيءَ ۾ لکيل پروفائيلن تي مشتمل ڪتاب کي الڳ ڇپرايو آهي. اوهان جي هٿن ۾ ڪتاب ”سنڌ جن جي ساهه ۾ آهي “ آهي جڏهن ته ٻيون ڪتاب “Volunteerism Above the Self” انگريزيءَ ۾ آهي. منهنجي نظر ۾ ذڪر ڪيل ٻئي ڪتاب نهايت ئي خوبصورت ڪردارن جا خاڪا پيش ڪن ٿا، ڪتاب ۾ انهن عظيم ڪردارن جو ذڪر آهي، جن سگا جهڙي هڪ عظيم اداري کي جنميو ۽ لطيف سائين جي ان بيت مثل ته ”کرڪڻا لاهي سک نه ستا ڪڏهين، اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو “ جيان واقعي به هو ڪڏهن ستا ئي نه آهن ۽ هنن سڄي ڄمار هڪ ڊگهي جستجو ڪندي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي هن اداري جي ڇٽيءَ هيٺ سيوا ڪئي آهي، پروفيسر خالد حسين چنا پنهنجي عِلم جي عَلم کان قلم جو ڪم ورتو ۽ سگا جي اهڙن چونڊ ڪردارن جي تاريخ قلم بند ڪئي آهي، جن جو سگا جي وجود قائم ڪرڻ کان ويندي، ان جي وجود برقرار رکڻ ۽ سگا کي هڪ تنظيم مان ترقي ڏياري هڪ مڪمل اداري جي شڪل ڏيارڻ تائين پنهنجو تن من ۽ ڌن دولت ڏئي هي مقام ڏياريو آهي. اهڙن عظيم ڪردارن ۾ ڪيترائي ڪردار ته اهڙا آهن، جيڪي هن وقت هن دنيا ۾ موجود به نه آهن، جن ۾ خاص طور تي شمشيرالحيدري، پروفيسر مظهرالدين ميمڻ، حاجي محمد قريشي. جڏهن ته سگا جا ٻيا ڪيترائي اڳواڻ جن مختلف شعبن ۾ عظيم ڪارناما سرانجام ڏنا آهن ، خالد چنا انهن حال حيات ڪردارن تي پڻ لکيو آهي. منهنجي نظر ۾ اهو نهايت ئي شاندار ڪم آهي، جنهن لاءِ خالد حسين چنا مبارڪون لهڻي، خالد حسين چنا جا هي ٻئي ڪتاب نهايت ڪارائتا آهن ، جيڪي اصل ۾ سگا جي مڪمل تاريخ جي حيثيت رکن ٿا . اهي ڪتاب نه رڳو سگا جي سڀني رضاڪارن کي پڙهڻ گهرجن پر سڀني کي پنهنجي اولاد ۽ خاص طور تي نئين ٽهيءَ جي نوجوانن کي پڻ پڙهائڻ گهرجن ته جيئن نئين نسل کي پنهنجي وطن ۽ پنهنجي قوم سان پيار ۽ ان جي خوشحالي لاءِ گهربل پورهئي بابت پروڙ پوي. سگا عورتن جي برانچ جا ٻه وڏا نالا جيڪي نه رڳو سگا پر سنڌ جي سڃاڻپ ۾ پنهنجي يگاني حيثيت رکندڙ آهن انهن ۾ ڊاڪٽر فهميده حسين علم ادب جو هڪ وڏو نالو آهي ۽ مهتاب اڪبر راشدي علم ادب، ميڊيا، ۽ سياست ۾ پنهنجي منفرد سڃاڻپ رکي ٿي.اهڙيءَ طرح ” هر شخص هڪ ڪهاڻي آ “ واريءَ چوڻيءَ وانگر هن ڪتاب ۾ هر هڪ شخصيت جي هڪ نئين ڪهاڻي آهي جيڪا پنهنجيءَ پر ۾ هڪ نئون باب آهي ۽ ڪيترائي باب اهڙا آهن جن کي تفصيل سان پڙهڻ وارا ٻيا ذيلي باب آهن. ڪيترائي ڪردار اهڙا آهن جن جا نالا سنڌواسين لاءِ ڄاتل سڃاتل آهن. پر سندن ڪمن جي مختلف پهلوئن کان چڱا ڀلا به اڻواقف آهن. ان جو وڏو سبب اهو آهي ته هي ڪردار نالي جي سياست ڪرڻ بدران عملي طور هڪ بي لوث خدمت ڪري پنهنجي سماج کي هڪ نئين دنيا ۾ ڏسڻ چاهن ٿا، جيتوڻيڪ ”سنڌ جن جي ساهه ۾“ پروفيسر خالد چنا جو سگا جي تاريخ جي حوالي سان پنجون ڪتاب آهي، هي ڪتاب به سگا جي تاريخ کي سهيڙڻ واري رٿا جو ئي حصو آهي، ان کان اڳ وارا سڀ ڪتاب به سگا جي تاريخ تي ئي آهن ، جن مان پهريون ڪتاب سگا جي شاخ ” شهدادڪوٽ “ جي تاريخ تي آهي، اڳيان ٻه ڪتاب ” سگا اتهاس ۽ سگا الماس آهن ، جيڪي Tenure جي لحاظ کان سگا جي مرڪزي ۽ شاخ سطح جي عهديدارن بابت آهن، جڏهن ته پروفيسر خالد جو انگريزي ۾ لکيل چوٿون ڪتاب “Volunteerism Above Self “ آهي ۽ پنجون ڪتاب ”سنڌ جن جي ساهه ۾“ سگا جي رضاڪارن تي لکيل خاڪا آهن. پروفيسر خالد چنا هن ڪتاب ۾ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن (سگا) جي اڌ صدي جي تاريخ کي رقم ڪري ظاهر ڪيو آهي نه صرف ايترو پر هن سنڌ جي اهڙِي لڪيل عام ڪرادارن کي پڻ ظاهر ڪري پيش ڪيو آهي جيڪي سماج جي دز ۾ اچي لٽجي ويا هئا،جس لهڻي خالد صاحب اهڙي شاندار ۽ تاريخي ڪتاب لکڻ تي.