178

ورهاڱي   کانپوءِ  راجا جي ريل  جو سفر…

ليکڪ: قائم سولنگي

جيئن ته سنڌ ۾ موجوده ڊويزن ميرپورخاص ۽ پراڻي ٿرپارڪر ۾ ريلوي جي سفري نظام جو تعارف 1854ع کان ٿي چڪو هو پر هندستان ۽ پاڪستان جي صحراءِ ٿر کي سفري سهولتن جو سهارو “ راجا اميد سنگهه ٺاڪر جي ڪاوشن سان 1900ع ۾ حاصل ٿيو، جنهن وقت هتي آبپاشي جو نظام 1889ع کان شروع ٿي چڪو هو ۽ راجستان ۾ اناج جي کوٽ ۽ آمدرفت جو ذريعو نه هئڻ سبب علائقي جا ماڻهو خوراڪ جي اڻاٺ سبب تڪليف ۾ هئا، پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ کوکراپار پاڪستان جي سرحد ۾ اچي ويو ۽ ”موڻا ٻهه“ هندستان جي سرحد ۾ آيو، کوکراپار کان شادي پلي ميٽر گيج جي ننڍي لائين 1900ع ۾ ٺهي، جڏهن ته شادي پلي کان حيدرآباد تائين براڊ گيج جي لائين وڇايل هئي، جيڪا پوءِ راجا اميد سنگهه جي انگريز سرڪار کان اجازت کانپوءِ وري ميٽر گيج ۾ تبديل ٿي، جنهن کي پوءِ ريلوي جي اڳوڻي وزير محمد خان جوڻيجي 1967ع ۾ وڏي لائين براڊ گيج ۾ تبديل ڪيو جيڪو پاڪستان جو وزيراعظم به ٿيو. کوکراپار کان ميرپورخاص تائين ڪل 20 ريلوي اسٽيشنون آهن جن ۾ 6 اسٽيشن تي ريلوي جو نظام سنگنل وغيره ۽ ڪراس ڪرائڻ ۽ هڪ کان وڌيڪ لائينون آهن جهڙوڪ کوکراپار ، ڇوڙ اسٽيشن ، ڍورونارو ، پٿوروجنڪشن، شادي پلي ، جمڙائو جنڪشن ۽ ٻيا هالٽ چيا وڃن ٿا. جيڪي هن ريت آهن ڀٽارو شريف ، واسر ٻاهه، (جنهن کي ڪنهن وقت ۾ ڌامڙا به چيو ويندو هو) جالو جو چونئرو ، پرچي ويري، نيو ڇور، سومراسر، حصيصر ،  ساڍر، هيرل (ترڪو منڱريو) ، سائينداد، عبدالله آباد ، بلوچ آباد، شگرمل هالٽ، ميرپورخاص گڊس، ازانسواءِ  ميرپورخاص براڊگيج ٿيڻ کانپوءِ  زيروپوائنٽ جنهن کي ماروي اسٽيشن جو به نالو ڏنو ويو آهي ياد رهي ته ميٽر گيج جون اپ ۽ ڊائون 6 گاڏيون کوکراپار کان ميرپورخاص ۽ پٿورو جنڪشن کان ميرپورخاص تائين 4 گاڏيون اپ ڊائون هلنديون هيون، کوکرو پار هن ريلوي اسٽيشن  جو نالو ان ڪري پيو جو هتي کوکر هندو ڌرم جا راجپوت رهندا هئا جن جو ڳوٺ هاڻوڪي کوکراپار کان 4 ڪلوميٽر اولهه طرف هو جتي ”پار“ آهي پار ٿر ۾ ان جاءِ کي چيو ويندو آهي جتي ٻن کان وڌيڪ ”ويريون“ يعني کوهه هجن ۽ جن جو پاڻي مٺو پيئڻ جي لائق هجي، کوکراپار ۾ ٻيون برادريون به رهنديون هيون خاص طور پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سومرا ، نهڙي ، راهمان، سما، رام ڏيا ۽ قريشين جا به گهر آهن جن ۾ قاضي اختر قريشي ، قاضي مشتاق قريشي رهن پيا. هن شهر کي اهو به اعزاز آهي ته  هتي جڳ مشهور خدمت گار عبدالستار ايدهي رهيو جيڪو  هندستان کان ايندڙ مسافر مهاجرن لاءِ سيڌي سامان جو بندوبست ڪندو هو، کيس ضلعي سرڪار جو ساٿ هوندو هو ريلوي اختيارين طرفان هن کي مال گاڏي جو ڊٻو مليل هوندو هو جنهن ۾ اناج ، گيهه ۽ ٻيون شيون آڻي رکندو هو هتي اسٽيشن ماسٽر ٿري نورمحمد نهڙي يادگار طور هڪ پارڪ عبدالستار ايڌي ٺاهيو هو جيڪو پوءِ پاڻي جي کوٽ ڪري تباهه ٿي ويو.  ان کانسواءِ پاڪستان جو مشهور سائنسدان عبدالقدير خان جڏهن نائين ڪلاس جو شاگر هو تڏهن هتي کوکراپار جي ڇپرا هوٽل تي 3 ڏينهن رهيو ۽ جنهن نم جي وڻ هيٺ عبدالقدير خان ۽ سندس فيملي آرام ڪيو هو اها نشاني هينئر نه رهي آهي، نواب آف جهونا ڳڙهه دلاور خان  به کوکراپار ريلوي ريسٽ هائوس ۾ ترسيو جيڪو هنيئر مسمار ٿي چڪو آهي، پر اتي ريلوي ڪرڪيٽ گرائونڊ ٺهيل آهي قيام پاڪستان کان اڳ باباءِ قوم  قائد اعظم محمد علي جناح جوڌپور ميل ٽرين ۾ کوکراپار کان ميرپورخاص جو سفر ڪيو ۽ پٿورو ريلوي اسٽيشن تي سنڌ جي وڏيرن سان ملاقات ڪيائين جتي زميندار سگهو پلي ۽ ٻين هن جو آڌرڀاءُ ڪيو، ٿر ۾ ڪجهه وقت حاتم طائي جون سڪون لاهيندڙ ٿر ڄائو کوکراپار جي پيچرن تي پنڌ ڪندڙ ”سيراجيو“ جنهن به پنهنجي دنيوي زندگي جي ترقي ڪرڻ جي اُڏام هتان کوکراپار کان ڏني جيڪو هن وقت الحاج سراج الدين سومرو جي نالي سان مشهور آهي. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ 1970ع جي ڏهاڪي ۾ کوکراپار هڪ شهر جي صورت اختيار ڪري ويو هو، هتي اناج وغيره جون مارڪيٽون هونديون هيون. اٺن ۽ گڏهن تي بار کڻي ويجهن ڳوٺن ۾ خريداري ڪرڻ ويندا هئا، هتي ڪيڪڙن جي شروعات ته رئيس صحبت خان مري ڪئي جيڪو ٿر ۾ سفري سهوليت ڏيندو هو، هن کانپوءِ حاجي الهرکيو نهڙي ۽ راهمن جا ڪيڪڙا شروع ٿيا، هتي ڪاروباري سيٺ قاضي نظر محمد قريشي ۽ عبدالرحيم چاچا جي نالي سان مشهور جنهن جو پٽ اقبال سيٺ هن وقت ميرپورخاص ۾ رهي ٿو، جڏهن ته سيٺ عبدالغني جا پوٽا ڇور اسٽيشن ۾ رهن ٿا ۽ هتان جا رهواسي نه رڳو چوپايو مال پاليندا آهن پر سندن گذر جو ذريعو برسات پوڻ  تي پوک ٻاجهر، گوار، تر، مڱ موٺ ۽ چونرن تي هوندو آهي، کوکراپار جي ڀرپاسي  ۾ ڪيترائي ڳوٺ  ۽ وسنديون آهن جهڙوڪ، ڀيلن جي ويري ، جيسليار، بهار سميجو ، گجاڻي راهمان ، الهه رکيي جو پار، سامياڪر، ڀيم رائي، راهمان، چئو ڏيو، ڳوٺ ملوڪ منڱريو جتي هينئر آرمي پبلڪ اسڪول آهي، پنات نپلوهن وڏي ڳوٺ ۾ رامڏيا ۽ راهمان وڌيڪ ٿا رهن  سومو  (سمن جو وڏو ڳوٺ آهي جتي 9 پاڙا رهن ٿا اهڙي طرح 4 کان 6 ڪلوميٽرن تي ڳوٺ روچر درس ، راملائي ۽ جادمائي توڙي مشهور ڳوٺ مهندري جو پار آهي.  ڀٽارو شريفهيءُ ڀٽ تي هئڻ ڪري ڀٽ وارو ڳوٺ سڏجڻ لڳو هيءَ هڪ هالٽ آهي جنهن کي  کولائڻ لاءِ مولوي سليمان نهڙي جي ڪاوشن رنگ لاتو ۽  ٿر جي سوشل رهواسي رسول بخش سميجو جيڪو ريلوي جو مئجسٽريٽ هو تنهن ڊي ٽي او ( ڊويزنل ٽرانسپورٽ آفيسر آفتاب احمد ميمڻ ڏيپلائي جي همت افزائي سان اها هالٽ منظور ڪرائي ۽ ان جو افتتاح ان وقت جي ڊي ايس ريلوي عبدالعزيز ٻرڙي ڪيو هن ڀيٽارو  شريف ڳوٺ جا 7 وڏا پاڙا آهن جنهن ۾ ميگهواڙ ڪميونٽي گهڻي رهي ٿي جيڪي ٿر جا کيس ۽ ڀرت جي هنر جا ڪاريگر آهن، هتي ٽوپيون ، رليون، گج ۽ ٻيو ڀرت جو ڪم مشهور آهي، ڪنڀر پاڙو ، ڀنڀرا پاڙو ، نهڙي برادري جا پاڙا جن ۾ قمرالدين نهڙي ، حاجي ارباب نهڙي ۽ مولوي سليمان نهڙي جن آهن هينئر اهو ڀٽ وارو ڳوٺ ڀٽارو جي نالي سان رهجي ويو. (هلندڙ)

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو