183

 آزاد ڪشمير ۾چونڊون ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جا پڙاڏا..

ليکڪ: علي محمد ميمڻ

ملڪ ۾ شامل آزاد ڪشمير جي قانونساز  اسيمبلي جون چونڊون 25 جولاءِ2021ع تي ٿيڻ وڃي رهيون آهن ، جنهن ۾ آزاد ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي جي 56 سيٽن مان41 جنرل سيٽن لاءِ ملڪ جي ٽن وڏين جماعتن ۽ ٻين ڪشميري جماعتن ۾مقابلي وارو ميدان سينگارجي چڪوآهي.ملڪ جي سياست ۾ ڪشمير جي آزادي وارو معاملو سدا بهار رهندو اچي. جڏهن به ڪشمير جي ڳالهه ڪجي ٿي ته، اهو ننڍي کنڊ جي نامڪمل ورهاڱي جي پهرين باب جي حيثيت ۾ سامهون اچي وڃي ٿو. ڄمون ۽ ڪشمير هندستان ۽ پاڪستان ۾ ٻن حصن ۾ ورهايل آهي ۽ اهو دنيا جي سڀ کان وڏن ۽ پراڻن عالمي تڪرارن ۽ فيصلي ٿيڻ وارو ڪيس آهي، جيڪو عالمي عدالت ۽ انصاف ۽ دنيا جي عالمي ضمير لاءِ پڻ گذريل 75 سالن کان امتحان بڻيل آهي. ڪشمير مسئلو ايشيا کنڊ جي ڏکڻ واري خطي جي بيقراري، ٻنهي ملڪن ۾ چئن جنگين جو سبب بنجڻ کان سواءِ اهو معاملو خطي ۾ لڳاتار جنگي ماحول جو شڪار رهڻ ڪري هن ٻنهي ملڪن جي ڏيڍ ارب آبادي جي غربت ۽ بدنصيبي جو سبب بڻيل آهي. ڪشمير جي مسئلي جي حساسيت ۽ سنگيني جو پاڪستان جي نقطه نظر سان اظهار ڪجي ته ان معاملي ۾ قائد اعظم محمد علي جناح جا هي تاريخي لفظ يادگار آهن ته، ”ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي، ان کانسواءِ پاڪستان نامڪمل آهي“ . اهڙي ريت،ڄمون ۽ ڪشمير جي عالمي معاملي جي حوالي سان ملڪ جي هڪ ٻي تاريخي شخصيت، ملڪ جي پهرين چونڊيل وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو جو اقوام متحده جي اداري سلامتي ڪائونسل کي ڪيل تاريخي خطاب  ته” اسان کي ڪشمير لاءِ هڪ هزار سالن تائين جنگ ڪرڻي پئي ته ڪنداسين پر ڪشمير تان هٿ نه کڻنداسين“ هي خطاب پڻ  اڄ ڏينهن تائين دنيا جي تاريخ جي رڪارڊ، ملڪ جي سياست ۽ ڪشمير جي وادين ۾ گونجي رهيو آهي. ملڪ جي حوالي سان انهن ٻن تاريخي شخصيتن ۽ اڳواڻن جي خطاب جي روشني ۾ هن وقت اها ڳالهه پڻ سنڌو ماٿريءَ جي ۽ سنڌو سڀيتا جي هزارين ورهين جي جياپي جي حوالي سان روشن سج وانگر اڀري سامهون اچي وئي آهي ته” اسان جو ڪشمير سان لاڳاپو فطري ۽ قدرتي پڻ آهي جو اسان جي جياپي جي شهه رڳ يا ساهه واري رڳ ڪشمير مان وهي ايندڙ سنڌو درياهه آهي جنهن کانسواءِ هن ملڪ جي قومن جو جياپو ناممڪن آهي“ ملڪ جي سياست ۾مقبول سموريون جماعتون، آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ حصو وٺي رهيون آهن ۽ پنهنجي بهترين ۽ مضبوط اميدوارن کي ميدان ۾ لاهي رهيون آهن.  هنن چونڊن ۾پڻ گلگت بلتستان وارين چونڊن وانگر پاڪستان پيپلز پارٽي جو نوجوان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اها چونڊ مهم آزاد ڪشمير واري وادي ۾ مزاحمتي انداز ۾ هلائي رهيو آهي ڪشمير جي اهم علائقن مظفر آباد، ڪوٽلي ، راولاڪوٽ ۽ ٻين علائقن ۾سندس جماعت جا وڏا عوامي جلسا، ريليون ۽ عوامي اجتماع نظر اچي رهيا آهن، هن وقت آزاد ڪشمير جي چونڊ مهم ۾ صرف پاڪستان پيپلز پارٽي ئي ڪشمير جي عوام جي دلين ۽ دماغن کي گرمائڻ ۽ پاڻ ڏانهن مائل ڪرڻ ۽ حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ مهم هلائي رهي آهي، جنهن دوران ذوالفقار علي ڀٽو جي سلامتي ڪائونسل ۾ ڪيل تاريخي خطاب وارا پڙاڏا گونجي رهيا آهن. بلاول ڀٽو طرفان شهيد ڀٽو وارا تاريخي لفظ جلسن ۾ورجايا پيا وڃن ۽ ڀٽو صاحب ۽ محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي جدوجهد ۽ ڪشمير جي عوام لاءِ ڪيل خدمتون ياد ڏياريو پيون وڃن ۽ ڪشميرين کي پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ لاءِ همٿايو پيو وڃي. آزاد ڪشمير جي هنن چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جا 31 اميدوار پارٽي ٽڪيٽ تي چونڊون وڙهي رهيا آهن. جڏهن ته  مسلم ليگ ن جا 36 اميدوار ۽ پاڪستان جي حڪمران جماعت پي ٽي آء طرفان 41 اميدوار مقابلي ۾ لٿل آهن، آزاد ڪشمير جي هن چونڊ مهم ۾پاڪستان پيپلز پارٽي جو  نوجوان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گلگت بلتستان جي چونڊن وانگر، پيپلز پارٽي جي باني، پنهنجي ناني ذوالفقار علي ڀٽو شهيد ۽ پنهنجي والده محترمه بينظير ڀٽو جي ساک، سياست ۽ قدآور اڳواڻ واري سڃاڻپ واري اثاثي وارو جهنڊو کڻي آزاد ڪشمير  واديءَ جي  پري پري جي علائقن تائين پهچي رهيو آهي ۽ پنهنجي جماعت جي تيز رفتار ۽ مزاحمتي سياست واري چونڊ مهم هلائي رهيو آهي. هن ڀيري به بلاول ڀٽو ٻين سمورين جماعتن جي حرڪت ۾ اچڻ کان گهڻو اڳ ڪشمير واري چونڊ مهم شروع ڪري چڪو آهي ۽ رياست جي پري پري وارن علائقن ۾ پڻ پهچي رهيو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ڪشمير جي اهم علائقن ۾سندس جماعت جا وڏا وڏا جلسا ۽ ريليون ٿيندي نظر اچي رهيون آهن، جنهن کي ملڪ جو قومي ميڊيا پڻ نمايان ڪوريج ڏئي ملڪ کي آگاهه ڪري رهيو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جون آزاد ڪشمير جي چونڊن جي حوالي سان ڪيتريون ئي اضافي خاصيتون يقينن ٻين سمورين جماعتن لاءِ وڏين مشڪلاتن جو سبب بڻيل آهن جيڪي هنن چونڊن جي نتيجن ۾ اٿل پٿل پيدا ڪري سگهن ٿيون. ٻئي پاسي پاڪستان جي حڪمران جماعت پي ٽي آءِ ملڪ ۾پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ناڪامي جي باوجود ڪشمير جون چونڊون کٽڻ جا اڳواٽ اعلان ڪري رهي آهي، جنهن ۾ اها سوچ ۽ حڪمت ٿي سگهي ٿي ته، گلگت بلتستان ، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان وانگر ڪمزور صوبي ۽ رياستن ۾گهڻو ڪري اسلام آباد يا وفاق ۾ حڪمران جماعت کي پنهنجي وسيلن ۽ اختيارن جي وڏي پيماني تي استعمال ڪرڻ ڪري نتيجا بدلائڻ ۽ حڪمراني هٿ ڪرڻ جا اڪثر موقعا ملي ويندا آهن .جيئن هن کان اڳ به ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ٿيندو رهيو آهي، آزاد ڪشمير جون چونڊون يقينن سياسي جماعتن لاءِ مشڪل مرحلو آهن ، جڏهن ته حڪمومت واري ڌر لاءِ ڪشمير کي فتح ڪرڻ شايد گهڻو مشڪل نه ٿئي پر تنهن هوندي به  عوام جي طاقت ، سجاڳي، جمهوريت پسندي ۽ محب وطني تي هر صورت ۾ يقين رکڻ ئي نظرياتي سياست جو بنيادي اصول آهي. ڪشمير جي معاملي ۾درپيش رياستي صورتحال ۾ جيڪڏهن باقي سياسي جماعتون پنهنجا هٿ پير ٿڌا ڪري ويهي رهن ۽ مقابلي وارا ميدان ڏاڍن مڙسن ۽ سفارشين يا ڪٺ پتلين لاءِ ڇڏي ڏين ته اهو پڻ پنهنجي نظريي، سياسي شعور ، جمهوري فڪر ۽ عوام جي جمهوريت ۾ ويساهه ۽ ووٽ جي حق جي آزادي سان ظلم ڪرڻ ٿيندو.ڪنهن به نظرياتي ۽ عوامي جماعت لاءَ هر صورت ۾ پنهنجي عوام تي ڀروسو ڪرڻ سندس ايمان ۽ اعتماد ۽ اعتقاد جو لازمي جز هوندو آهي. ان ڪري پنهنجي طرفان هر جماعت کي عوام وٽ پنهنجو پاڻ کي پيش ڪرڻ  لازمي فرض آهي ۽ انهن مان لائق اميدوارن يا ڪارگر جماعت يا جماعتن کي چونڊڻ يا نه چونڊڻ ووٽ ڏيڻ يا نه ڏيڻ عوام جي مرضي ۽ حق آهي.ملڪ جو عوام يقينن پنهنجا غيرمعمولي فيصلا ڏئي رهيو آهي، ملڪ ۾ ٿيل تازين ننڍين چونڊن ۽ هن کان اڳ گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ پڻ عوام طرفان  اسلام آباد ۽ وفاقي حڪمرانن جو سخت پڇاڻو ڪيو ويو ته، اها پڻ اسان جي ملڪ جي عوام جي جمهوري فيصلن جي نئين تاريخ رقم ٿي آهي، ممڪن آهي ته آزادڪشمير جو عوام پڻ پنهنجا جرئت ۽ سجاڳي وارا تاريخي فيصلا ڪرڻ تي اچي ته  ڪير به هنن کي روڪي ۽ بدلائي نه ٿو سگهي.  دنيا جي ڏاهن جو اهو چوڻ مستند ۽ مڃيل اصول  آهي ته ڪنهن جي به محنت ۽ ٿيل پوک ڪڏهن به ضائع ٿيڻي ناهي يقينن ! دنيا  اميد تي ئي قائم آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو