195

سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني جي باهه کي وسائڻ جي ضرورت

ايڊيٽوريل

ٺري ميرواهه ڀرسان ڳوٺ قائم شاهه ۾ قطب عرف غازي جوڳي پنهنجي پرڻيل ڌيءُ کي ننڊ ۾ ڪهاڙيءَ جا وار ڪري ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪري ڇڏيو آهي، رپورٽ آهي ته جوابدار فجر مهل ننڊ ستل ڌيءُ سيما زال عبدالرزاق جوڳي مٿان ڪارنهن تهمت مڙهي مٿي ۽ ڄنگهن ۾ ڪهاڙي جا وار ڪري قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو، حد جي پوليس لاش ٺري ميرواهه اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد ماءُ حوالي ڪيو، اسپتال ۾ مقتولا جي امڙ امام زادي ٻڌايو ته ڌيءُ جي سال اڳ شادي ٿي هئي، هوءَ ڪجهه ڏينهن اڳ مڙس سان ڪاوڙجي اسان جي گهر آئي هئي، جنهن کي پيءُ ننڊ ۾ ستل حالت ۾ ڪارنهن تهمت مڙهي قتل ڪيو آهي. ڪيس داخل ڪري انصاف ڪرايو وڃي، رپورٽن مطابق پوليس مقتولا جي امڙ کي شام تائين ڪيس لاءِ گهرائيندي رهي پر مڙس جي خوف سبب هن ڪيس داخل نه ڪرايو، جنهن بعد سرڪاري مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي پر جوابدار گرفتار ناهي ٿيو. سنڌ ۾ بدامني جا واقعا ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن، جنهن وقت ٺري ميرواهه ۾ اهڙو واقعو پيش آيو، ٺيڪ ان ڏينهن تي لکي غلام شاهه ۾ گهر اندران ايل ايڇ وي ۽ پرائيويٽ ليڊي ٽيچر ۽ هڪ نوجوان جا لاش هٿ آيا آهن، ايترو ئي نه پر سکر ۾ پراڻي تڪرار تان ٻن ڀائرن کي گوليون هڻي زخمي ڪيو ويو، جن مان هڪ اسپتال نيئندي دم ڏنو، جڏهن ته ٻيو سخت زخمي آهي. سنگرار ڀرسان پڻ پراڻي تڪرار تان هڪ ڄڻو قتل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ان قسم جا ٻين شهرن ۾ پڻ واقعا ٿيا آهن. لڳي ائين ٿو ته سنڌ ۾ قانون پنهنجو ڪم وساري چڪو آهي ۽ بي رحم جوابدارن کي کلي ڇوٽ ڏني وئي آهي ته اهي سرعام ماڻهو ماريندا رهن.اسان سمجهون ٿا ته هيءَ انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي ته سنڌ ۾ حڪومتي عملداري ۽ قانون جي گرفت ڏينهون ڏينهن ڍري ٿيندي پئي وڃي ۽ گڊ گورننس وارو تصور آهستي آهستي آخري هڏڪيون ڏئي رهيو آهي، اسان هتي ڪيترائي ڀيرا اهو لکيو آهي ته جڏهن به قانون جي عملداري ڍري ٿيندي آهي ۽ ڏاڍي کي ڊگهو رسو ملندو آهي ته سماج ۽ معاشرا بدامني جي لپيٽ ۾ اچي ويندا آهن، اسان اهو به سمجهون ٿا ته پيءُ ۽ ڌيءُ جو رشتو سماج ۾ ماءُ ۽ پٽ جي رشتي وانگر معتبر آهي ۽ ان رشتي کي صرف اهي ئي ماڻهو سمجهي سگهن ٿا، جن ڌيءُ جي محبت ڏٺي آهي. ڀلا اهڙو ڪهڙو ظالم هوندو جيڪو پنهنجي ڌيءُ مٿان تهمت هڻي ان کي بيدردي سان قتل ڪري، اسان هتي اها گهر ڪنداسين ته ان هڪ ڏينهن تي ٿيل ايترن سارن قتلن ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪري انهن کي آخري انجام تائين پهچايو وڃي ۽ صوبي اندر سٺي حڪمراني طرف ڌيان ڏنو وڃي، ڇو ته لڳي ائين ٿو ته جن ماڻهن کي هن صوبي جي عوام حڪمراني جو حق ڏنو آهي، اهي ڪن ٻين مسئلن ۾ ڦاٿل آهن ۽ انهن صوبي اندر جهنگ جي قانون جي اجازت ڏئِي ڇڏي آهي. اسان گهر ٿا ڪريون ته قاتل گرفتار ڪري قانون تي عمل ڪرائيندڙ عملدارن کي ننڊ مان جاڳايو وڃي.جيئن سنڌ ۾ سڪون ۽ امن واپس اچي. ٻي صورت ۾ صوبي سميت سنڌ جو سماج ۽ معاشرو آهستي آهستي انارڪي جي ور چڙهي ويندو ۽ جڏهن به ڪي سماج انارڪي ۽ بدامني جي ور چڙهي ويندا آهن، اتي قانون جي حڪمراني ڏکي ٿي پوندي آهي، اسان سمجهون ٿا ته سنڌ حڪومت کي هاڻ ان مسئلي تي اکيون کولڻ گهرجن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو