اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اولهندي معاشري ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا جا واقعا افسوسناڪ آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ڪينيڊا ۾ ڪجهه هفتا اڳ هڪ پاڪستاني خاندان کي نسل پرستاڻي حملي ۾ شهيد ڪيو ويو، هاڻي ٻيهر سسڪاٽون شهر ۾ هڪ ٻي شهري ڪاشف تي انتهاپسندن خنجر سان حملو ڪيو آهي، جنهن سان اسان کي مغربي معاشري ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ واقعن تي ڳڻتي آهي، اميد ڪريون ٿا ته اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ موثر قدم کنيا ويندا.
179