اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته گذريل ڏينهن ايوان ۾ ميمبرن کي ووٽنگ جو حق نه ڏنو ويو، ايوان ۾ مالي بل جي آخري ووٽنگ ۾ ميمبرن جو رويو غير سنجيده رهيو، اسان جي مخالف ڌر جي به ڪجهه ميمبرن هتي سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪيو، مون پنهنجي بيمار والد کي آخري وقت تائين ايوان ۾ ويهاري ڇڏيو. قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بجيٽ سان پوري قوم جو معاشي مستقبل لاڳاپيل هوندو آهي پر بجيٽ سيشن شرمندگي جو سبب بڻيو، مخالف ڌر اڳواڻ جي تقرير روڪي وئي، هن چيو ته گذريل ڏينهن بجيٽ جي لاءِ اهم ڏينهن هو، هن ايوان جي هر ميمبر جو حق آهي ته هو پنهنجو ووٽ رڪارڊ تي وٺي اچي. هن اسپيڪر سان گلا ڪئي ته گذريل ڏينهن اسان کان ووٽنگ جو حق ڇو کسيو ويو، چيئر جو ڪردار مناسب نه هو، اسان کي اسپيڪر جي چيئر مان اميد هوندي آهي ته ان جو ڪردار اڻ تڪراري رهي ۽ ڪو به آڱر نه کڻي سگهي، اسان جي ميمبر نواب يوسف ٽالپر چيو ته ووٽنگ جي وقت لابيز کي سيل ڪيو وڃي پر اسان جي ڳالهه نه ٻڌي وئي ۽ حڪومت کي پورو موقعو ڏنو ويو ته هو 172 ميمبرن جي شموليت ڏيکاري سگهي، هن چيو ته ملڪ عامر ڊوگر ۽ ٻين جي ڪوششن سان 172 ميمبر ته پورا ٿيا ويا پر اسان جي ڳالهه تسليم ڪئي وڃي ها ۽ ڊويزن ٿي وڃي ها ته اسان گلا نه ڪريون ها، اسان جي ترميمن کي پڙهڻ ۽ ٻڌڻ جي لاءِ به درست طريقو اختيار نه ڪيو ويو. هن چيو ته مختلف موقعن تي قاعدن کي نظرانداز ڪيو ويو، هن قاعدي 276 جو حوالو ڏيندي چيو ته جيڪڏهن آواز جو ووٽ چئلينج ٿي وڃي ته اسپيڪر جو فرض آهي ته هو ڳڻپ ڪرائي، بجيٽ جي منظوري وقت ٽئين خواندگي جي موقعي تي اسان کي ووٽنگ جي خبر ئي نه پئي، هن چيو ته آخري ووٽنگ جي وقت ڪجهه حڪومتي ۽ ڪجهه مخالف ڌر ميمبرن جو رويو غير سنجيده هو، هن چيو ته مخالف ڌر ته بجيٽ کي سدائين تنقيد جو نشانو بڻائيندي آهي، اسان ان طرز عمل جي مذمت ڪريون ٿا، اسان جو هڪ ميمبر مخدوم جميل مٽياري ۽ هڪ ڪشمور جو ميمبر پنهنجي خاندان ۾ فوتگين جي باوجود هتي موجود رهيا. مون پنهنجي بيمار والد کي شروع کان آخر تائين هتي ويهاري ڇڏيو، هن چيو ته اسان جي ڪجهه مخالف ڌر ميمبرن به ان موقعي تي مناسب ڪردار ادا نه ڪيو.
140