اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي پارلياماني اڳواڻ مولانا اسعد محمود چيو آهي ته بجيٽ اجلاس جي ڪارروائي جانبداراڻي آهي، ايوان ۾ بدمزگي جي مرتڪب ماڻهن کي سامهون آڻڻ لاءِ في طور تي ڪميٽي ٺاهي وڃي، اليڪشن ۾ مبينه ڌانڌلي جي حوالي سان جيڪا ڪميٽي قائم ڪئي وئي ان جي رپورٽ ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪئي وڃي، قاعدن ۽ ضابطن جي خلاف ورزي ڪري جيڪا قانونسازي ٿي آهي اها ٻيهر ايوان ۾ آندي وڃي. قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي مولانا اسعد محمود چيو ته بلاول ڀٽو ۽ شاهد خاقان عباسي بجيٽ اجلاس جي حوالي سان قاعدن ۽ ضابطن جي خلاف ورزين ۽ پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو آهي، حڪومت چوي ٿي ته بجيٽ بهترين آهي، مخالف ڌر چوي ٿي ته اهو عوام دشمن آهي، پر جهڙي طريقي سان بجيٽ منظور ٿي ۽ قاعدا ۽ ضابطا بلڊوز ڪيا ويا، بجيٽ منظور ٿيڻ کانپوءِ اهو مشهور ٿي ويندو ته اهي عوام دشمن بجيٽ هئي، يقينن اسان اسپيڪر کي ڊڪٽيٽ نٿا ڪري سگهون، اسان توهان کان پنهنجو حق گهرون ٿا، اسان ٽن ڏينهن تائين اسپيڪر جي چيمبر ۾ ڳالهيون ڪندا رهياسين، ٽن ڏينهن تائين مخالف ڌر اڳواڻ کي تقرير ڪرڻ نه ڏني وئي، هن چيو ته اسپيڪر ڪميٽي ٺاهي ته قانونسازي تي ٻيهر غور ڪيو ويندو، بابر اعواڻ ان اجلاس ۾ موجود هو پر هن پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته ڪو به بل واپس قومي اسيمبلي ۾ نه ايندو، اسان چيو هو ته اسان قانونسازي جي حوالي سان تجويزون ڏيڻ چاهيون ٿا، بجيٽ اجلاس جي ڪارروائي جانبدراڻي آهي، هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته اسپيڪر کي ڪير ڊڪٽيٽ نٿو ڪري سگهي پر صورتحال سڀني جي سامهون آهي، هن چيو ته اسان مطالبو ڪريون ٿا ته ايوان جي ڪميٽي ٺاهي ان ڏينهن ٿيندڙ بدمزگي جي مرتڪب ماڻهن کي سامهون آندو وڃي ۽ ڪميٽي جو اعلان 6 ڪلاڪن جي اندر اندر ڪيو وڃي، هن چيو ته اسان پنهنجي پنهنجي تڪن ۾ سياست ڪري رهيا آهيون ۽ ڄمي مقابلو ڪنداسين پر ايوان جي تقدس کي پامال نه ٿيڻ گهرجي. اليڪشن ۾ مبينه ڌانڌلي جي حوالي سان جيڪا ڪميٽي قائم ڪئي وئي هئي ايندڙ اجلاس ۾ ان جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي وڃي. هن چيو ته قاعدن ۽ ضابطن جي خلاف ورزي ڪري جيڪا قانونسازي ٿي آهي اها ٻيهر ايوان ۾ آندي وڃي، اسان اسپيڪر جي چيئر جو احترام ڪريون ٿا ان ڪرسي کي تڪراري ٿيڻ کان بچايو وڃي، اسان اميد ڪريون ٿا ته اسپيڪر ان ڪرسي جي لڄ رکندو.
192