186

جڪارته، مسافر جهاز ٻڏڻ جي نتيجي ۾ 7 مسافر فوت جڏهن ته 11 گم

جڪارته (ويب ڊيسڪ) انڊونيشيا ۾ بالي جي سامونڊي ڪناري تي مسافر بردار جهاز ٻڏڻ جي نتيجي ۾ 7 مسافر فوت جڏهن ته 11 گم ٿي ويا. رپورٽ مطابق ٻڌايو ويو آهي ته گذريل شام ڪي ايم پي يونيسي مسافر بردار جهاز 57 مسافرن ۽ عملي جي ميمبرن کي کڻي جاوا ٻيٽ جي اولهه واري ڪناري تي گيليمونڪ بندرگاهه ويجهو ٻڏي ويو، حادثي ۾ 39 ماڻهن کي زنده بچايو ويو جڏهن ته 7 ڄڻا فوت ۽ 11 گم ٿي ويا. بالي سرچ اينڊ ريسڪيو چيف چيو آهي ته اڃان گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا جاري آهي پر اڃان اهو واضح ناهي ٿي سگهيو ته حادثُ ڪهڙي سبب جي ڪري پيش آيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو