122

ڀارتي رياست اترپرديش ۾ هندو غنڊن مسلمان ڇوڪري جي بي حرمتي، والد کي قتل ڪري ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اترپرديش ۾ هندو غنڊن هڪ مسلمان ڇوڪري جي بي حرمتي ڪئي ۽ ان جي والد کي قتل ڪري ڇڏيو. رپورٽ مطابق مڌونشاد، ڪالو ۽ گولو نالي هندو غنڊن اترپريش جي ضلعي پرياگرامدانيا ۾ ماجد علي نالي هڪ مسلمان جي ڌي سعديه کان فحش زبان استعمال ڪئي ۽ ان کي بي حرمتي جو نشانو جڏهن هو انب جي هڪ باغ ۾ موجود هئي. هندو غنڊن زبردستي ڇوڪري جو هٿ جهليو جڏهن ته هو انهن جي گرفت مان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. واقعي جي خبر جڏهن ته ماجد علي کي ملي ته هو پنهنجي پٽ سان گڏ هندو غنڊن وٽ پهتو. غنڊن ماجد ۽ ان جي پٽ تي حملو ڪيو. حملي سبب ماجد علي فوت ٿي ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو