198

صدر پاران هڪ ميگاواٽ شمسي توانائي منصوبي جو افتتاح، ايوان صدر مڪمل طور تي گرين انرجي تي منتقل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران هڪ ميگاواٽ شمسي توانائي منصوبي جي افتتاح کانپوءِ ايوان صدر مڪمل طور تي گرين انرجي تي منتقل ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ ايوان صدر انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل ٿي ويو آهي جنهن جا ايوان صدر مڪمل طور تي گرين انرجي تي منتقل ٿي چڪا آهن، پريزيڊنٽ گرين انيشيوٽيو تحت اينگرو ڪارپوريشن سان حصيداري تحت اهو منصوبو مڪمل ڪيو ويو آهي ان منصوبي سان ايوان صدر کي بجلي جي فراهمي کانسواءِ سئو سيڪڙو اضافي بجلي به نيشنل گرڊ ۾ شامل ڪئي ويندي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي هڪ ميگاواٽ شمسي توانائي منصوبي جو افتتاح ڪندي چيو ته ڪجهه سالن ۾ ڪلين اينڊ گرين پاڪستان تحت دنيا ۾ نالو بڻايو ويو، منصوبي تحت ايوان صدر کي گرين انرجي تي منتقل ڪيو ويو، ماحولياتي تبديلي جي اعتبار سان پاڪستان جو شمار دنيا جي 10 سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ ٿئي ٿو، موسمياتي تبديلين جي اثرن کان بچاءُ لاءِ حڪومت واضح پاليسي جوڙي آهي، صدر عارف علوي چيو ته ايندڙ نسلن کي ڪفايت شعاري جي ترغيب ڏيڻي پوندي، اسلامي معاشري ۾ ڪفايت جي روايت تمام گهڻي پراڻي آهي، هن چيو ته 14 سئو سال پهرين اسان جي نبي ﷺ پنهنجي ڪپڙن کي پاڻ سبندو هو، قدرتي وسيلن جي به حد هوندي آهي انهن کي احتياط سان استعمال ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته اسڪولن جي ٻارن کي وڻ پوکڻ ۽ انهن جي افاديت کان آگاهه ڪيو وڃي، ڪجهه سالن ۾ ڪلين اينڊ گرين پاڪستان تحت دنيا ۾ نالو بڻايو ويو، هن چيو ته موسمياتي تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ متبادل توانائي اهميت رکندڙ آهي، حڪومت وزيراعظم عمران خان جي قيات ۾ بلين ٽري منصوبو شروع ڪيو جيڪو ملڪ جي قدرتي وسيلن کي بچائڻ طرف اهم قدم آهي، قدرتي وسيلن جي تحفظ لاءِ ايڪو نظام جي متوازن حڪمت عملي اڻٽر آهي، هن چيو ته ايوان صدر ۾ 10 هزار ٻوٽا لڳائڻ جو منصوبو غور هيٺ آهي، هن چيو ته ماضي ۾ ايوان صدر جي ڇت تان سج جون ڪرڻيون اندر اينديون هيون تنهن هوندي به هاڻي ائين نه آهي، ان نظام کي به بحال ڪيو ويندو، هن چيو ته اسلام آباد جي مختلف پارڪن ۾ مياواڪي انداز ۾ وڻڪاري ماحول جي لاءِ بهترين ثابت ٿيندي، هن چيو ته معاشري جي بهتري لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ نجي صنعتن جي به ذميداري آهي، هن پريزيڊنٽ گرين انيشي ايٽو پروگرام ۾ تعاون فراهم ڪرڻ تي اينگرو ڪارپوريشن جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته ترقياتي ڪوششن ۾ نجي شعبي کي شموليت سان انرجي جو تحفظ سميت مختلف شعبن ۾ بهتري ايندي. اينگرو ڪارپوريشن جي صدر رياض خان تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته گرين حڪمت عملي ترقي جو اهم جزو آهي اينگرو ڪارپوريشن ماحولياتي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو