اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري سنڌ کانپوءِ پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 29 فوتگيون ٿيون جنهن مان 13 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 979 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 27 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 20 سيڪڙو، پشاور ۾ 21 سيڪڙو ۽ لاهور ۾ 19 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ڪراچي ۾ 24 سيڪڙو، مظفر آباد ۾ 19 سيڪڙو، ملتان ۾ 18 ۽ گلگت ۾ 48 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 42 هزار 62 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 11 هزار 852، پنجاب ۾ 17 هزار 218، خيبرپختونخواهه ۾ 9 هزار 525، اسلام آباد ۾ 1 هزار 900، بلوچستان ۾ 746، گلگت بلتستان ۾ 360، آزاد ڪشمير ۾ 461 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 9 لک 43 هزار 484 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 249 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 31 هزار 606 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 9 لک 57 هزار 371 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 20 هزار 293، بلوچستان ۾ 27 هزار 145، گلگت بلتستان ۾ 6 هزار 98، اسلام آباد ۾ 82 هزار 652، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 37 هزار 951، پنجاب ۾ 3 لک 46 هزار 180 ۽ سنڌ ۾ 3 لک 37 هزار 52 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 22 هزار 281 آهي جن مان سنڌ ۾ 5 هزار 440 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 12 مريض اسپتالن ۾ جڏهن ته هڪ مريض گهر ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيو. پنجاب ۾ 10 هزار 747 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 7 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. خيبرپختونخواهه ۾ 4 هزار 316 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 4 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، جڏهن ته هڪ مريض گهر ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيو. اسلام آباد ۾ ڪل 777 فوتگيون ٿيون. بلوچستان ۾ 308 فوتگيون ٿيون. گلگت بلتستان ۾ 111 فوتگيون. آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 582 فوتگيون ٿيون. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جا هڪ ڪروڙ 45 لک 44 هزار 85 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 639 اسپتالن ۾ 2 هزار 132 مريض علاج هيٺ آهن.
128