203

اڳوڻي وفاقي وزير اسحاق ڊار خلاف اثاثن واري ريفرنس جي ٻڌڻي 14 جولائي تائين ملتوي

اسلام آباد (ويب ڊيسل) احتساب عدالت، ناڻي بابت اڳوڻي وفاقي وزير اسحاق ڊار خلاف اثاثن واري ريفرنس جي ٻڌڻي 14 جولائي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. اربع ڏينهن احتساب عدالت جي جج محمد بشير ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي. ريفرنس ۾ نيب طرفان گواهن جا بيان مڪمل ٿيڻ تي جواب جمع ڪرايو ويو. گوهن جا بيان مڪمل ٿيڻ جو لکت ۾ جواب نيب چيئرمين جي منظوري کانپوءِ جمع ڪرايو ويو. شريڪ جوابدارن سعيد احمد، منصور رضا رضوي ۽ نعيم محمود جي حد تائين گواهه مڪمل ٿي ويا آهن. نيب پراسيڪيوٽر موقف اختيار ڪيو ته اسحاق ڊار اشتهاري آهي، ايندو ته وڌيڪ ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن جو حتمي بيان قلمبند ڪرڻ جي هدايت ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 14 جولائي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو