212

تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح لاڳيتو گهٽتائي، ليول 1431.10 فٽ ۽ 7 پيداواري يونٽ بند ٿي ويا

هري پور (ويب ڊيسڪ) تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح ۾ لاڳيتو گهٽتائي کانپوءِ ليول 1431.10 فٽ ۽ 7 پيداواري يونٽ بند ٿي ويا. تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي ليول 24 ڪلاڪن ۾ گهٽتائي کانپوءِ 1432.42 فٽ کان گهٽ ٿي 1431.10 فٽ ٿي وئي. ڊيم ۾ پاڻي جي آمد 16000 ۽ ڇوڙ 131300 ڪيوسڪ آهي. تربيلا ڊيم جا 17 مان 7 پيداواري يونٽ بند آهن ۽ 10 پيداواري يونٽن مان بجلي جي پيداوار 1299 ميگاواٽ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو