206

اتر وزيرستان ۾ فوجي چؤڪيءَ تي افغانستان مان دهشتگردن جي فائرنگ، 2 اهلڪار شهيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ فوجي چؤڪيءَ تي افغانستان مان دهشتگردن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان مطابق عالمي سرحد جي پار افغانستان مان دهشتگردن اتر وزيرستان جي ضلعي دتوئي ۾ پاڪ فوج جي هڪ چؤڪيءَ تي فائرنگ ڪئي جنهن جو اسان جي فوج مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ دوران حوالدار سليم ۽ لانس نائيڪ پرويز شهادت ماڻي.  واضح رهي ته پاڪستان تسلسل سان افغانستان کان مطالبو ڪندو رهيو آهي ته هو پنهنجي طرفان اثرائتي بارڊر ڪنٽرول کي يقيني بڻائي. پاڪستان پنهنجي خلاف دهشتگردي جي ڪاررواين لاءِ افغان سرزمين جي مسلسل استعمال جي مذمت ڪري ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو