195

اتر وزيرستان ۾ سرحد پار کان فوجي چؤڪي تي فائرنگ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا: شيخ رشيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد اتر وزيرستان ۾ سرحد پار کان فوجي چؤڪيءَ تي فائرنگ واري واقعي جي سخت مذمت ڪئي آهي. جاري ڪيل بيان مطابق گهرو وزير چيو ته افغانستان جي سرزمين تان پاڪستاني علائقن ۾ دهشتگرديءَ جي واردات افسوسناڪ آهي. سرحد پار کان دهشتگردي جون ڪارروايون ختم ٿيڻ گهرجن، پاڪستان پنهنجي سرحد کي وڌيڪ محفوظ ۽ مضبوط بڻائيندو. هن چيو ته اتر وزيرستان جي علائقي ۾ شهيد ٿيل فوجي جوانن جي وارثن سان همدرديءَ جو اظهار ڪريان ٿو. شيخ رشيد احمد چيو ته پاڪ فوج جون وطن جي سلامتيءَ خاطر قربانيون لازوال آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو