184

سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 24 مريض فوت، 622 نوان ڪيس ظاهر: وڏو وزير مراد علي شاهه

ڪراچي  (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس واري صورتحال بيان ڪندي چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 24 مريض فوت ٿيا جڏهن ته 622 ڪيس سامھون آيا ۽ 399 ماڻهو صحتياب ٿيا آهن. وزيراعليٰ ھائوس مان عالمي وباءَ بابت جاري ڪيل تفصيلي بيان ۾ وڏي وزير چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 14520 نمونن جا ٽيسٽ ڪيا ويا جن جي نتيجي ۾ 622 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آھن يعني تشخيص واري شرح 4.3 سيڪڙو بڻجي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته اڄ وڌيڪ 24 مريض لاڏاڻو ڪري ويا جنھن کانپوءِ گڏيل انگ 5464 ٿي ويو آھي يعني فوتگيءَ واري شرح 1.6 سيڪڙو بڻجي ٿي. وڏي وزير چيو آھي ته ھن وقت تائين 4506973 نمونن جي چڪاس ڪئي وئي آھي ۽ 337657 ڪيس رپورٽ ٿيا آھن. هن چيو ته اڄ 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 399 مريض صحتياب ٿيا آھن ۽ ھن وقت تائين گڏيل طور تي 312736 مريض صحتياب ٿيا آھن يعني بحاليءَ واري شرح 92.6 سيڪڙو بڻجي ٿي. ھن چيو ته ھن وقت 19457 مريض علاج ھيٺ آھن جن مان 18802 مريض گهرن اندر قرنطينا آھن، 595 مريض مختلف اسپتالن ۾ داخل آھن ۽ 60 مريض آئيسوليشن سينٽرن ۾ منتقل ڪيا ويا آھن. ھن وڌيڪ چيو ته 530 مريضن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آھي جن مان 48 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آھي. وڏي وزير چيو آھي ته صوبي جي 622 ڪوويڊ ڪيسن مان 360 ڪراچي شھر مان رپورٽ ٿيا آھن. ضلعيوار انگ اکر بيان ڪندي ھن وڌيڪ چيو ته ڪراچي اوڀر مان 150، ڪراچي سينٽرل 72، ڪورنگي 60، ڪراچي ڏکڻ 33، ڪراچي ملير 27 ۽ ڪراچي اولھ 18  نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. حيدرآباد ۾ 18، دادو 17، مٽياري 12، قمبر 11، بدين 10، ڄامشورو 6، گهوٽڪي ۽ خيرپور 4-4، سکر 2 ۽ لاڙڪاڻو، شهيد بينظير آباد ۽ ٿرپارڪر 1-1 ڪيس رپورٽ ٿيا آھن. وڏي وزير سيد مراد علي شاھ سنڌ جي عوام کي اپيل ڪئي آھي ته پنھنجي ۽ پنھنجن پيارن جي زندگي بچائڻ لاءِ لازمي طور تي ايس او پيز تي عملدرآمد ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو