اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انشورنس ڪمپنين جي بدانتظامي جي خلاف وڌ کان وڌ پاليسي هولڊرز کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ وفاقي انشورنس محتسب جي پهچ کي ملڪ جي ڏورانهن علائقن تائين وڌائڻ ۽ اداري جي خدمتن بابت عوامي آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. هو وفاقي انشورنس محتسب جي ڪوئيٽا ۾ علائقائي آفيس جي ورچوئل افتتاح جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. ان حوالي سان ايوان صدر ۾ تقريب ٿي جنهن ۾ وفاقي انشورنس محتسب جي اعليٰ آفيسرن، صلاحڪارن ۽ صدارتي سيڪريٽريٽ جي سينيئر عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. صدر چيو ته وفاقي انشورنس محتسب شڪايت ڪندڙن کي درپيش ناانصافين جي خلاف بنا معاوضي ۽ فوري انصاف جي فراهمي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. هن شڪايت ڪندڙن جي سهولت لاءِ وفاقي انشورنس محتسب ذريعي فراهم ڪئي ويندڙ خدمتن بابت ميڊيا ذريعي ڀرپور آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ان کان اڳ وفاقي انشورنس محتسب ڊاڪٽر محمد خاور جميل پنهنجي اداري جي ڪاميابين تي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته وفاقي انشورنس محتسب پاران سال 21 – 2020ع دوران متاثر پاليسي هولڊرز کي 2.13 ارب رپيا ماليت جو معاشي ريليف فراهم ڪيو ويو جڏهن ته 2019ع ۾ اهو ڪاٿو 740 ملين رپيا هو. هن چيو ته حل ڪيل شڪايتن جي انگ ۾ پڻ نمايان اضافو ٿيو آهي. سال 2020ع دوران 2427 شڪايتن تي ڪارروائي ڪئي وئي جڏهن ته 2183 کي اڪلايو ويو. وفاقي انشورنس محتسب جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي صدر متاثر پاليسي هولڊرز کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ جي ڪوششن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ وفاقي انشورنس محتسب کي پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ ۾ پنهنجي مڪمل تعاون ۽ حمايت جي خاطري ڪرائي.
199