ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني فلمن توڙي ٽي وي جي مشهور اداڪارا مهوش حيات کي مداحن پاران شادي جو مشورو ڏنو ويو آهي،گذريل ڏينهن مهوش حيات پنهنجي نڪتل تازي تصوير ۽ وڊيو انسٽا تي مداحن لاءِ شيئر ڪئي،جنهن سندس هزارين مداحن پاران پسند ڪيو پيو وڃي،جڏهن ته مداحن تصويرن تي تبصرو ڪندي اداڪارا کي جلد شادي جو مشورو به ڏئي ڇڏيو.مداحن جي مشوري تي مهوش حيات ڪو به جواب نه ڏنو.
