سکر (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مشهور راڳي برڪت علي ڀٽ جي ننڍي ڀاءُ رحمت علي ڀٽ صحافين سامهون دانهيندي چيو آهي ته 30 سالن کان ڳائي رهيو آهيان، ڊبل ايم اي ڪرڻ باوجود نوڪري نه ٿي ملي، حد اها آهي ته سکر جي بلائينڊ اسڪول ۾ مولوي کي ميوزڪ ٽيچر رکيو ويو ۽ اسان فنڪار ڌڪا پيا کائون. هن چيو ته بيروزگاري ۽ راڳ جا پروگرام نه ملڻ ڪري ذهني دٻاءُ جو شڪار آهيون. هن وزيراعليٰ سنڌ ۽ ثقافت کاتي کان گهر ڪئي ته کيس موسيقي جي حوالي سان نوڪري ڏئي فاقاڪشي کان بچايو وڃي.
204