اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارتيءَ جي چيئرمئن بلاول ڀٽو چيو آهي ته چونڊ سڌارن تي حڪومت سنجيده نه آهي، عمران خان قوم کي بيوقوف ڪرڻ جي ڪوشش پيو ڪري، عوام مسئلن جو حل چاهي ٿو. اربعا ڏينهن قومي اسيمبليءَ جي اجلاس کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو وزيراعظم عمران خان جي چونڊ سڌارن تي ڳالهين جي دعوت تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو ته چونڊ سڌارن بابت حڪومت جو رويو سنجيده نه آهي، اليڪشن ڪميشن کي طاقتور ڪرڻ بدران ڪمزور ڪيو پيو وڃي، هن کلان اڳ جڏهن به چونڊ سڌارا ٿيا آهن ته اهي مڪمل اتفاق سان ئي ٿيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم جي تقرير رڳو لفظن جي هيرا ڦيري کان سواءِ ڪجهه به نه آهي. عمران خان قوم کي بيوقوف ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پاڪستاني عوام وزيراعظم کان عالمي حالتن جي تاريخ جو سبق ٻڌڻ نه پر پنهنجي مسئلن جو حل چاهي ٿو. نئين پاڪستان جي نالي تي عام ماڻهو جو جيئڻ جنجال ڪيو ويو آهي، عوام حساب پيو گهري، ايمنسٽي اسڪيم غريبن لاءِ نه پر اميرن لاءِ آهي، اڏاوتي شعبي ۾ رڳو ريئل اسٽيٽ جي مالڪن کي ئي فائدو ٿيو آهي. هنن عوام کي ريليف بدران تڪليف ڏيڻ جو ريڪارڊ قائم ڪيو آهي. ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان آڻي ڇڏيو آهي. غريبيءَ، مهانگائي، بيروزگاريءَ ۾ تاريخي واڌ ڇو ٿي آهي، پي ٽي آءِ ايم ايف وارو بجٽ عوام جي توهين آهي. قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر حڪومتي ڌر ٿي بجٽ منظور ڪرايو. ان کان اڳ قومي اسيمبليءَ ۾ خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته گذريل ڏينهن ايوان ۾ ميمبرن کي ووٽنگ جو حق نه ڏنو ويو، ايوان ۾ مالي بل جي آخري ووٽنگ ۾ ميمبرن جو رويو غير سنجيده رهيو، اسان جي مخالف ڌر جي به ڪجهه ميمبرن هتي سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪيو، مون پنهنجي بيمار والد کي آخري وقت تائين ايوان ۾ ويهاري ڇڏيو. بجيٽ سان پوري قوم جو معاشي مستقبل لاڳاپيل هوندو آهي پر بجيٽ سيشن شرمندگي جو سبب ٿيو، مخالف ڌر اڳواڻ جي تقرير روڪي وئي، هن چيو ته گذريل ڏينهن بجيٽ جي لاءِ اهم ڏينهن هو، هن ايوان جي هر ميمبر جو حق آهي ته هو پنهنجو ووٽ رڪارڊ تي وٺي اچي. بلاول ڀٽو پنهنجي خطاب ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي سخت تنقيدجو نشانو ڪيو. هن چيو ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پارٽي ۽ حڪومت لاءِ خطرو آهي، وزيراعظم آءِ ايس آءِ کي ان جو فون ٽيپ ڪرڻ لاءِ چئي ڇڏي. بلاول ڀٽو چيو ته شاهه محمود قريشي جڏهن اسان جي حڪومت ۾ پرڏيهي وزير هو ته هن دنيا ۾ مهم هلائي ته يوسف رضا گيلاني کي هٽائي کيس وزيراعظم ڪيو وڃي ان ڪري ئي هن کي وزارت مان هٽايوسين. هن چيو ته آئون شاهه محمود قريشي کي جيترو اسين سڃاڻو ٿا ايترو توهان نه ٿا سڃاڻو، عمران خان کي ٻڌائي ڇڏيو ته هن ماڻهو کي سڃاڻي ڇڏي، آئون ته هن کي ننڍپڻ کان ئي ڏسندو آيو آهيان، مون ته هن کي جيئي ڀٽو جو نعرو هڻندي ئي ڏٺو، کيس وزارت بچائڻ لاءِ “ ايندڙ واري، ٻيهر زرداري“ جا نعرا هڻندي ئي ڏٺو. هاڻي توهان به ڏسندا ته هي توهان جي وزيراعظم سان ڇا ٿو ڪري. هي اهو ئي پرڏيهي وزير آهي جيڪو ڪشمير جي سودي ۾ ملوث آهي.
118