182

مخالف ڌر کي چونڊ سڌارن تي ڳالهين جي دعوت ٿو ڏيان، آمريڪا سان جنگ ۾ شامل نه ٿينداسين: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان مخالف ڌر کي چونڊ سڌارن تي ڳالهين جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته مخالف ڌر کي چونڊ سڌارن تي ڳالهين جي دعوت ٿو ڏيان، آمريڪا کي اڏا نه ڏينداسين،  ڪنهن کان ڊڄي خودمختياري تان هٿ نه کڻبو. اربعاء ڏينهن قومي اسيمبلي جي  اجلاس ۾ خطاب ڪندي عمران خان بجيٽ جي منظوري تي پارٽي ۽ اتحادين جا ٿورا مڃيا.عمران خان چيو ته آئون  مخالف ڌر کي چونڊ سڌارن تي ڳالهين جي دعوت ڏيان ٿو، چونڊ سڌارا جمهوريت جو مستقبل آهي، هن ملڪ ۾ 1970کان پوءِ سمورين چونڊن ۾ ڌانڌلين جا الزام لڳا آهن. سينيٽ ۽ ضمني چونڊن ۾ به تڪرار سامهون آيا، 2013 جي چونڊن اسان 4 تڪ کولڻ جي درخواست ڏني، اڍائي سالن کان پوءِ چئني تڪن ۾ ڌانڌلي نڪتي. هن چيو ته سڌارا نه ڪنداسين ته هر چونڊ ۾ ايئن ئي ٿيندو رهندو. هن چيو ته 2018 جي چونڊن ۾ اپوزيشن پهرئين ڏينهن ئي چيو ته چونڊون ٺيڪ نه ٿيون پر اهو نه ٻڌايو ته ڪيئن، صاف شفاف چونڊن جو هڪ ئي طريقو آهي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سان چونڊن ۾ شفافيت ايندي، جيڪڏهن اپوزيشن وٽ ڪا تجويز آهي ته اسان ٻڌڻ لاءِ تيار آهيون، اهو حڪومت يا اپوزيشن جو معاملو نه پر جمهوري مستقبل جو مسئلو آهي، وقت اچي ويو آهي ته چونڊون وڙهون ۽ ڪنهن کي ڳڻتي نه ٿئي ته ڪو  ڌانڌلي ڪئي ويندي، اهڙيون چونڊون چاهيون ٿا، جنهن جا نتيجا هارائيندڙ به تسليم ڪري، چونڊ سڌارا نه ڪياسين ته ڌانڌلي جا الزام لڳندا رهندا. عمران خان وڌيڪ چيو ته  مون آمريڪا ڇي اڏا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪا سان امن ۾ ته حصيدار ٿي سگهون ٿا پر جنگ ۾ حصيدار نه ٿا ٿي سگهون. اسين اهو ئي چاهيون ٿا جيڪو افغان چاهين ٿا. پاڪستان افغانستان ۾ امن چاهي ٿو، هن چيو ته آمريڪا جي جنگ ۾ شامل ٿيڻ اسان جي بي وقوفي هئي. پاڪستان اڳ جڏهن آمريڪا جي جنگ ۾ شامل ٿيو ته وڏي ذلت محسوس ٿي. فيصلو ڪيو ويو ته آمريڪا ڏاڍو ناراض آهي، اهو اسان کي ڪجهه به ڪري سگهي ٿو. عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ ڪا غيرتمند حڪومت هجي ها ته اها افغانين جو رت وهڻ نه ڏي ها. هو جيڪو ڪجهه چوندا رهيا اسان اهو  ڪندا رهياسين. افغانستان ۾ آمريڪا جي جنگ ۾ پاڪستان جو هر طرح سان نقصان ٿيو. آمريڪا جي جنگ ۾ 70 هزار پاڪستانين کي قرباني ڏيڻي پئي پر ان باوجود ڇا آمريڪا ڪڏهن پاڪستان جي ان قربانيءَ جي واکاڻ ڪئي؟  اسان تي افغانستان جي معاملي ۾ ٻٽي پاليسي رکڻ جو الزام مڙهيو ويو،  آمريڪا افغانستان ۾ جنگ کٽي نه پئي سگهيو ته گهٽ وڌ اسان کي ڳالهايو ويو. پنهنجي ناڪاميءَ جو ذميوار پاڪستان ئي قرار ڏنو. دنيا پاڪستان کي خطرناڪ ملڪ به قرار ڏنو. اسان کي دنيا ذليل نه ڪيو پر اسان ئي پاڻ کي ذليل ڪيو، پاڪستان جون حڪومتون آمريڪا کي پنهنجي ئي ملڪ ۾ ڊرون حملن جي اجازت ڏئي وري ان جي مذمت به ڪنديون رهيون.  آمريڪا جي هڪ جنرل پڻ پنهنجي ڪتاب ۾ اهو لکيو آهي ته اسين پرويز مشرف کي جيڪو ڪجهه چوندا رهياسين هو اهو ئي ڪندو رهيو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ڪڏهن ڪنهن اهو ٻڌو آهي ته ڪنهن تي ڪنهن اتحادي ملڪ ئي ڊرون سان حملو ڪيو هجي؟  لنڊن ۾ 30 سالن کان هڪ دهشتگرد ويٺو آهي، ڇا برطانيا اتي اسان کي ڊرون حملي جي اجازت ڏيندو؟ عمران خان چيو ته مون آمريڪا جي جنگ ۾ شامل ٿيڻ جي مخالفت ڪئي ته مون کي طالبان جو حامي چيو ويو، جڏهن به چيم ته  افغانستان جي مسئلي جو حل جنگ نه آهي ته مون کي طالبان خان چيو ويو. عمران خان چيو ته افغانستان مان آمريڪا جي وڃڻ کان پوءِ هڪ ڊگهي گهرو ويڙهه ٿي سگهي ٿي، افغانستان ۾ اسان جي لاءِ ڏکيو وقت اچي رهيو آهي، افغانستان ۾ آمريڪا جو ۽ اسان جو مفاد هڪ آهي، اهي هاڻي ان نتيجي تي آيا آهن ته افغانستان جي مسئلي جو ڪو فوجي حل نه آهي. جيڪڏهن اڳ ۾ ان نقطي تي اچي وڃن ها ته نقصان گهٽ ٿئي ها.  افغانستان ڪڏهن به پاڻ تي ٻين کي مڙهجڻ نه ڏنو آهي. خطي جي ترقيءَ لاءِ افغانستان جو امن اڻ ٽر آهي. مون آمريڪا کي اڏا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، اسان ڪنهن کان ڊڄي پنهنجي سالميت ۽ خودمختياري تان هٿ نه کڻنداسين. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته  ناڻي واري وزير منهنجي سوچ موجب بجٽ ٺاهيو، اسان جي حڪومت اچڻ وقت سڀ کان وڏو مسئلو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو هو، معيشت جي بهتري لاءِ ڏکيا فيصلا ڪرڻا پيا، ملڪ قرضي ٿي وڃي ته ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا آهن، ان دوران چين ۽ سعودي عرب اسان جي مدد ڪئي ۽ ڏيوالو ٿيڻ کان بچائي ورتو، اسان ڀرپور ڪوشش ڪئي ته آءِ ايم ايف وٽ نه وڃڻو پئي پر ڏيوالپڻي کان بچڻ لاءِ وڃڻو پيو. هن چيو ته ننڍن آبادگارن کي ڀاڻ تي سڌي ريت سبسڊي ۽ وياج بنا قرض ڏينداسين. اوقاف کاتي جي زمين اسپتالن لاءِ ڏينداسين،

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو