لاهور(ويب ڊيسڪ) ڪڻڪ جي عالمي قيمت ۾گهٽتائي، پاڪستان کي 9 ارب رپين جي بچت، اٽي جي کوٽ جو خدشو ختم.رپورٽ موجب عالمي سطح تي ڪڻڪ جي قيمت ۾15 ڊالر في ميٽرڪ ٽن گهٽتائي سان پاڪستان کي 40 لک ٽن ڪڻڪ جي درآمد ۾بچت ٿي، جڏهن ته وڏي مقدار ۾ڪڻڪ درآمد ٿيڻ سان ملڪ ۾ڪڻڪ ۽ اٽي جي کوٽ جو خدشو مڪمل ختم ٿي ويو،ذخيرو ڪندڙن کي وڏو نقصان ٿيندو، وفاقي وزير نيشنل فوٽ سيڪيورٽي ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻ لاءِ سرڪيولر جاري ڪيو،20 لک ٽن ڪڻڪ ٽريڊنگ ڪارپوريشن کي امپورٽ ٿيندي، 10 لک ٽن وفاقي کاتي پاسڪو امپورٽ ڪندو،خانگي شعبي کي به 10 لک ٽن ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.
![](https://dailysobh.com/wp-content/uploads/2021/05/WHEAT.jpg)