197

حريم شاهه به ٻين ڌيئرن وانگر اسان جي ڌيءَ آهي:ناصر حسين شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه  جي معاملي تي رد عمل ۾ چيو آهي ته حريم شاهه به ٻين ڌيئرن وانگر اسان جي ڌيءَ آهي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ناصر حسين شاهه چيو ته اسان جي معاشري ۾ماءُ،ڀيڻ،گهرواري ۽ ڌيءَ جو وڏو احترام آهي، اهي مٿي جو تاج هونديون آهن، هن چيو ته اسان دشمنن خلاف يا پنهنجي شهرت جي لاءِ انهن کي استعمال ناهيون ڪندا، جيڪي به ماڻهو ان جي پويان آهن، انهن کي عورت کي پنهنجن مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ کي  شرم اچڻ گهرجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو