اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ٽڪ ٽاڪ تي پابندي ۽ نيشنل بئنڪ صدر کي هٽائڻ تان چڪر اچي ويا، سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان تي فواد چوڌري چيو ته عدالت سڌارا نه آندا ويا ته ملڪ اقتصادي بحرانن مان ڪڏهن نه نڪري سگهندو، هن چيو ته اڳ ۾ ئي جڊيشل ايڪٽو ازم جي هٿان اربين ڊالر جو نقصان برداشت ڪري رهيو آهي، خبر ناهي اسان جون عدالتون ڇا ڪري رهيون آهن؟فيصلن تي پريشان ٿي ويس.
