192

سپريم ڪورٽ پاران ساهيوال سانحي تي پنجاب حڪومت کان جواب طلب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس يحيٰ آفريدي تي ٻڌل 2 رڪني بئنچ ساهيوال سانحي جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت قتل جي جوابدار سپاهي حافظ محمد عثمان جي ضمانت منظور ڪئي، سپريم ڪورٽ ساهيوال سانحي تي پنجاب حڪومت کان جواب طلب ڪيو ويو، ٻڌڻي دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ايڊيشنل پراسيڪيوٽر جنرل پنجاب کان سوال ڪيو ته ساهيوال سانحي تي معصوم ٻارن کي ماريو ويو،ٻڌايو ته ان جو ڇا ٿيو؟ رڳو فون ڪال تي بيگناهه ماڻهو ماريا ويا،سمجهه ۾نٿو اچي ته حڪومت ۽ پوليس ڇا پئي ڪري، معصوم شهري جي قاتلن کان ڪو پڇڻ وارو ناهي،حڪومت هن وقت تائين ڇا ڪيو آهي؟

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو