114

ڪيڏانهن به نه پيو وڃان، 5 سال پورا ڪندس، جيستائين قيادت چاهيندي عهدي تي رهندس: وڏو وزير سيد مراد علي شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته آئون ڪيڏانهن به نه پيو وڃان، غلط فهمي ختم ٿيڻ گهرجي. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته آئون 5 سال پورا ڪندس، جيستائين پارٽي قيادت چاهيندي عهدي تي رهندس. هن چيو ته بجٽ منظور ٿيڻ تي اپوزيشن طرفان ڪيل تماشو سمجهه کان ٻاهر آهي، مخالف ڌر ڇهن ڏينهن تائين ڪابه تقرير نه ڪئي نه وري ڪٽوتي جي تحريڪ پيش ڪئي. پنج سال پورا ڪندس. ڪنهن جي خواهش تي نه ويندس.هن چيو ته بجٽ پيش ڪرڻ وقت اپوزيشن گوڙ ڪيو. حڪومت طرفان تقرير جي دوران هنگامو ڪيو ويو. چاهيون ٿا ته سنڌ اسيمبلي جي ڪارروائي هلي. اسپيڪر اپوزيشن کي گهرائي تقرير ڪرڻ جو چيو هو. سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن 6 ڏينهن تائين ڪا تقرير نه ڪئي. اپوزيشن سنڌ اسيمبلي ۾ هڪ به ڪٽوتي جي رٿ نه آندي.  جنهن کان پوءِ بجٽ منظور ٿي ويو. مراد علي شاهه چيو ته اسپيڪر ڪجهه اسيمبلي ميمبرن کي معطل ڪيو. اسيمبلي ميمبرن جي ذميواري آهي ته پنهنجي پارٽي ۽ تڪ جي عوام جي نمائندگي ڪري. هن چيو ته اعجاز جکراڻي جي گهر تي ڇاپو غيرقانوني هو. هو صلاحڪار آهي ۽ اسيمبلي ميمبر رهي چڪو آهي. اعجاز جکراڻي قانوني طريقو استعمال ڪندو. حريم شاهه بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته حريم شاهه جا اسيمبلي ۾ نه پر ميڊيا تي چرچا آهن. هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ٻين تي نوري آباد پاور پلانٽ ريفرنس ۾ فرد جرم جي ڪارروائي 28 جولاءِ تائين ملتوي ڪئي وئي آهي. اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران وڏو وزير مراد علي شاهه پيش ٿيو. ريفرنس ۾ شريڪ جوابدارن جي غير حاضري سبب فرد جرم واري ڪارروائي ملتوي ڪئي وئي. عدالت ريمارڪس ڏنا آهن ته ايندڙ ٻڌڻي تي پيش نه ٿيندڙ جوابدار جا گرفتاري وارنٽ جاري ٿيندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو