ليکڪ: ذلفي چاچڙ
جيتوڻيڪ شاعرن جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي تي ھن وقت تائين جيڪو به تحقيقي ڪم ٿيو آھي، سو اڻپورو ئي سھي ادب ۽ تاريخ ۾ خاص اھميت رکي ٿو، سڀ کان پھريان شاهه صاحب جي شاعري کي سھيڙي مختلف وقتن تي ”شاهه جو رسالو“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ آڻي کيس سدائين لاءِ محفوظ ڪرڻ سچ ته غير معمولي ڪارنامو آھي، توڙي جو شروع ۾ گنج شريف ۾ گھڻيون اوڻايون موجود ھيون، شاهه صاحب جي حياتي سان اھڙا ڏند ڪٿائي قصا جوڙيا ويا جن کي ڪنهن به صحتمند انساني ذھن قبول نٿي ڪيو، نه فقط ايترو پر ڪِن ٻين گمنام سگھڙ نما شاعرن جي شاعري پڻ لطيف جي نالي سان منسوب ڪري رسالي ۾ شامل ڪئي وئي ۽ ھڪ سر جا بيت ٻئي سر، ھڪ داستان جا بيت ٻئي داستان ۾ رکيا ويا، جنھن تي پڻ مختلف وقتن تي تحقيقي ڪم ڪري ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ويندي رھي ۽ گھڻي حد تائين انھن کي درست ڪري مناسب جاءِ تي آڻي، شاعر جي لکڻ واري ڪيفيت جو اندازو لڳائي ترتيب سان رکيو ويو، سائين جي ايم سيد ڀٽائي تي پنھنجو جڳ مشھور ڪتاب ”پيغام لطيف“ لکي لطيف جي شخصيت ۽ شاعري جا نوان رخ عوام اڳيان آندا ۽ عرس جي موقعي تي عالمي ادبي ڪانفرنس جو بنياد وڌو ۽ ايئن ئي لطيف سائين کي دنيا جي ترقي پسند شاعرن جي قطار ۾ آڻي بيھاريو، توڙي جو ان کان اڳ برطانوي دور ۾ پڻ شاهه صاحب جي شاعري ۽ شخصيت تي باقاعده ڪم ٿيڻ شروع ٿيو ھو، پر اھو سڀ روايتي ڪم ھو فرق صرف ايترو ھو ته قلمي نسخن کي بنا ڪنھن نظرثاني جي جيئن جو تيئن پريس مان ڇپرائي پڌرو ڪيو ويندو رھيو، جيڪڏھن سائين جي ايم سيد شاهه سائين تي پيغام لطيف جھڙو شاھڪار ڪتاب نه لکي ھا ته ڀٽائي پڻ اڄ ڏينھن تائين سنڌ جو ھڪ روايتي پير بڻيل ھجي ھا ۽ ان جي اصل شخصيت ڍڪيل ئي رھجي وڃي ھا، ويجھي ماضي ۾ منھنجي نظرن اڳيان شاهه سائين جي شاعري ۽ شخصيت تي لکيل ٽي اھڙا ڪتاب گذريا، جن منھنجي دماغ کي جهنجھوڙي ڇڏيو ۽ آئون ڀٽائي کي نئين نظر سان ڏسڻ لڳس، انھن ٽن ڪتابن ۾ ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي! سنڌ جي آزاديءَ جو پھريون عظيم شاعر (يوسف شاھين) انگريز سرڪار ۽ شاهه عبداللطيف آف ڀٽ شاهه (يوسف شاھين) شاهه لطيف جو نفسياتي اڀياس (ڊاڪٽر احمد سومرو) شامل آھن، ياد رھي ته اِھي ٽئي ڪتاب پيڪاڪ پبليڪيشن ڪراچي ڇاپيا آھن، پروفيسر ڊاڪٽر احمد سومرو سنڌ جو گھڻ پڙھيو سماجي ورڪر نوجوان آھي، جيڪو سنڌ فيس بڪ فرينڊر جي نالي سان ھڪ سماجي تنظيم جوڙي ان پليٽ فارم تان گھڻي عرصي کان سماجي سرگرميون جاري رکيو اچي، احمد سومرو جيڪو جدت جو قائل شخص آھي ۽ سدائين نيون سوچون سوچيندو، لوچيندو ۽ ٻين کي پڻ سوچڻ تي مجبور ڪندو رھي ٿو، ھو ھر اڳيان ۽ ذھن ۾ ايندڙ شيءِ کي نئين نظر سان ڏسڻ جو عادي آھي، ڪتاب ”شاهه لطيف جو نفسياتي اڀياس“ پڙھندي مونکي اچرج مان ڏندين آڱريون اچي ويون ته احمد به ڪو اھڙو اھم ۽ منفرد موضوع تي ڪتاب لکي سگھي ٿو! سندس لکڻين ۾ ٻولي ڪمال انداز ۽ ڪاريگري سان استعمال ڪئي وئي آھي جو پڙھندڙ ڪٿي به بوريت جو احساس محسوس ڪري ٿڪجي نٿو ۽ ان مان ئي سندس وسيع مطالعي جي پرک پڻ ٿئي ٿي، ھِن ڪتاب ۾ علم نفسيات ۽ نفسياتي تنقيد، نفسيات جي وصف، نفسياتي تنقيد/ اڀياس، تخليقي فن (ادب) جي نفسياتي اڀياس جو مقصد، سگمنڊ فرائيڊ جا نظريا، تحليل نفسي، لاشعور، شعور، تحت الشعور، شخصيت جا جزا، ايڊيپس جو مونجھارو، نرگسيت جي نفسياتي سمجھاڻي، نرگسيت جي تخليقي عمل سان وابستا سمجھاڻي، ڪجهھ وڌيڪ نفسياتي ادبي اصطلاحن جون سمجھاڻيون، تخليقڪار جي مريضاڻي شخصيت، ايڊمنڊ ولسن، شاهه لطيف جي مختصر سوانح عمري، الف کان اڳتي نه پڙھڻ، چيچ پڪڙي عشق ۾ گرفتار ٿيڻ، شاهه لطيف جا ازدواجي لاڳاپا، شاهه لطيف جي نفسياتي رجحانن، لاڙن ۽ تصورن جي سندس شاعريءَ ذريعي پروڙ، شاهه لطيف جي شخصيت ۽ ايڊيپس مونجھارو، شاهه لطيف جي مزاج ۾ بيچيني ۽ اداسي، شاهه لطيف جي تخليقي ڪيفيت ۽ قوت، شاهه جو عشق بابت نظريو/تصور، شاهه لطيف جو موت بابت تصور، شاعري لاءِ سنڌي ٻولي جي چونڊ، پنھنجي ڌرتيءَ جي ڪردارن جو استعمال، شاهه جي شاعري ۾ رومانويت، رومانويت جو نفسيات سان لاڳاپو جدت نگاري، فطرت جي عڪاسي، خودداري جو اظھار، دنيا کان ڪناره ڪشي اختيار ڪرڻ/دنيا تياڳڻ، شاهه لطيف جي ڪردارن جو نفسياتي اڀياس سميت سئو کان وڌيڪ نھايت ئي دلچسپ ليک شامل آھن، ھن ڪتاب جو مھاڳ نامياري اديبا فھميده حسين” پڇن سي پَسن“ نالي سان لکيو آھي، جنھن ۾ نوجوان محقق ۽ ليکڪ احمد سومري جي قلمي پورھئي کي ساراھيندي کيس شاباس ڏئي ٿي، ڊاڪٽر آفتاب ابڙو ۽ پروفيسر ساجد سومرو جا رايا پڻ شامل آھن، 240 صفحن تي ٻڌل پڪي جلد سان ھن ڪتاب شاهه لطيف جو نفسياتي اڀياس جو ملھه 350 رپيا مقرر ڪيو ويو آھي، ھي ڪتاب ادب، لطيف ۽ تاريخ سان دلچسپي رکندڙ ماڻھن خاص طور نوجوانن کي لازمي پڙھڻ گھرجي.