ليکڪ: قائم سولنگي/ حصو ٻيو
واسرٻاهه: هيءُ نالو واسر نالي ذات جو ٻائو هو چون ٿا ته هندو ڀيلن جي هڪ نک جو نالو آهي، ان ڪري ڳوٺ جو نالو واسر ٻاهه پئجي ويو، هن ڳوٺ ويجهو هڪ ترائي هئي جنهن کي ٻانڀڙلي ترائي سان ياد ڪيو ويندو هو، ريلوي اسٽيشن ٺهڻ کانپوءِ ٻانڀڙلي جو نالو ختم ٿي ويو ۽ واسرٻاهه جي نالي سان مشهور ٿي ويو، هن وقت هتي سومرا ، راهمان ۽ چانهيا رهن ٿا، ڳوٺ ۾ اڪثر ريلوي جا ننڍا ملازم رهن ٿا، گذرسفر جو ذريعو مال مويشي ۽ آسماني بادل جي برسڻ تي آهي.
جالو جو چونرو: هن اسٽيشن جو نالو جالم سنگهه ٺاڪر جي نالي سان پيو، ٿر ۾ اڪثر اڌ نالي سان سڏيو ويندو آهي، جالو جالم سنگهه جو هڪ چونرو هو، اُٺن جي جهوڪ هئي ۽ ويجهڙائي ۾ ڪو به ڳوٺ نه هو، جر جو پاڻي کارو هئڻ ڪري آبادي نه هئي اٺن جي چرڻ لاءِ ميدان کليل ۽ وڻڪار هئڻ ڪري اتي جالم سنگهه چونئرو ٺاهيو هو، جو پوءِ انهي اسٽيشن تي جالو جو چونئرو نالو رکيو ويو، هتي پيئڻ جو پاڻي ريل ذريعي ايندو هو، هينئر هتي واٽر سپلاءِ سان پاڻي پهچي ٿو، هتي ٻين کانسواءِ نهڙي ۽ سومرا رهن ٿا.
پرچي ويري: هتي پرچي نالي نيڪ ۽ مالدار انسان جيڪو ذات جو هاليپوٽو هو، اهو رهندو هو، کيس پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونه ملندو هو، کوهن وارا ماڻهو هن کي وارو ڪو نه ڏيندا هئا، جڏهن ته جر جو پاڻي اڪثر کارو هوندو هو، هن همت ڪري پنهنجي سر کوهه کوٽڻ شروع ڪيو، کوهه کي قابو ڪرڻ لاءِ ڪاٺين جا ڏڪر ٺاهي کوهه ٻڌو ويندو هو، ياد رهي ته ”ويري“ دشمن کي به چوندا آهن، ٿر جي وارياسي علائقي ۾ جان جوکي ۾ وجهي ”ويري“/ کوهه تيار ڪندا آهن . ٻيو ته جرجي اٽڪل 40 فوٽ تي پاڻي اچڻ کي به ويري چيو ويندو آهي، کوهه هن کان وڌيڪ گهري پاڻي اچڻ کي به چون ٿا.اهڙي طرح پرچي هاليپوٽي کوهه کوٽيو پاڻي مٺو نڪتو، هن پنهنجو ڳوٺ اڏايو جيڪو سندس نالي سان مشهور ٿيو اهو پرچي ويري اسٽيشن جي اتر اولهه طرف آهي، جتي هاليپوٽا، ڪولهي ، سما ، نهڙي ، سومرا ۽ ٻيا رهن ٿا، ياد رهي ته هن سڄي سيڪشن ۾ پيئڻ جو مٺو پاڻي ريلوي جو ادارو پهچائيندو هو، مفتي صدام حسين نهڙي ٻڌايو ته پرچي اسٽيشن سامهون وڏي وارياسي ڀٽ آهي جتي مخدوم طالب الموليٰ صاحب گهمڻ آيو ۽ پاڻ دعا فرمائي هئائون ته هيءَ ڀٽ آباد ٿيندي ۽ سير ۽ تفريح لاءِ موزون هوندي، هينئر انهيءَ هنڌ سٺي تفريح گاهه آهي، پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اسٽيشن تي مڪمل وقت ريلوي اسٽيشن ماسٽر موجود رهندو آيو آهي هاڻ اها هالٽ آهي،
نيو ڇوڙ: هي ريلوي اسٽيشن کلڻ جي ڪري نيو ڇور سڏي وئي. دراصل ”پراڻي ڇور“ اهوئي آهي جڏهن انگريز سرڪار اميد سنگهه ٺاڪر جي چوڻ تي هن سيڪشن ۾ ريل جي پٽڙي وڇائي تن ڏينهن ۾ اتي هندو راجپوتن جي وڏي هلندي هئي ۽ ڀرپاسو نهايت وسندو هو، هنن ڇوڙ تي ريلوي اسٽيشن کولڻ نه ڏني ته متان چوري چڪاري وڌي، جنهن ڪري سڻوهي جي ڀرسان ريلوي ڦاٽڪ تي هڪ ريل جو ڊٻو رکيل هو جتي بابو اچي ٽڪيٽ ڏيندو هو، سڻوهي جي راجپوت ٺاڪر جي منع ڪرڻ جي ڪري اها اسٽيشن کان اڳ ڇور اسٽيشن تي کولي وئي، جتي پاڻي وٺڻ لاءِ تلاءَ ۽ ريلوي ڪوارٽر ٺهيا، ريلوي اسٽيشن کان اڳ ڇور اسٽيشن تي ڪابه آبادي نه هئي، ڪجهه ملاحن جا گهر هئا جيڪي مڇي ماري گذر سفر ڪندا هئا، جڏهن واڻين ۽ ٻين ڪاروباري ماڻهن ڏٺو ته اسٽيشن کلڻ کپي ۽ پوءِ هنن وري ڪوشش ڪئي، جڏهن اتي اسٽيشن کلي جنهن جو نالو نيو ڇور رکيو ويو، حقيقت ۾ پراڻو ڇور اهو نيو ڇور آهي، هتي ٺاڪر راجپوت، واڻيا، لوهار، مڱڻهار، مڱريا، سومرا، حجام، بجير، شيخ، ٻانڀڻ، سونارا، مهراج، سميجا، نهڙي، راهمان ۽ ٻيون ذاتيون رهن ٿيون، هتي ڪاروبار توڙي ملازمت ۾ هندو ماڻهو وڌيڪ اڳڀرا آهن، هتان جا رهواسي ڏيساور ۾ وڃي محنت ڪري هاڻ مالدار آهن، جيڪي وسڪاري مهل اچن ٿا ۽ خوشي غمي ۾ نيو ڇور کي ياد رکن ٿا. ڇوڙ اسٽيشن: ڇور نالو ٻڌائي ٿو ته هتي پاڻي جي ڇوڙ ڪري مٿانهون علائقو نقصان کان بچايو ويندو هو، جنهن ڪري هتي ڍنڍون مشهور رهيون ٽيڀري ڍنڍ ۽ ٻانهياري ڍنڍ انهيءَ ڇوڙ جي پاڻي سان ڀريل هونديون هيون ٻانڌي يعني ”ٻنڌ“ جيڪو هن وقت ڳوٺ ٿي ويو آهي ۽ ٻانڌو سڏجي ٿو، ڇوڙ اسٽيشن کي ويجهو آهي، انهيءَ پاڻي جي ڇوڙ ڪري آباد شهر جو نالو پيو ڇوڙ، ريل جي کلڻ کانپوءِ ڇور اسٽيشن ٿي ويو، نيو ڇوڙ ۽ ڇوڙ هڪ شيءِ جا ٻه پاڇولا آهن، ڇوڙ جتي هينئر آرمي ڇانوڻي به آهي، نيو ڇور جو تعليمي خدمتگار استاد نندلال نندن جيڪو شاعر ۽ ڊراما نگار طور پڻ مشهور هو ، جنهن ست ٻولين ۾ ڀليڪار (ويلڪم) نظم جوڙيو هو. اهڙي ريت پوجراج مل ڪيسراڻي به ساڳي ريت نڀائيندو پيو اچي ۽ هن وقت به تعليمي ميدان ۾ آهي، ڇوڙ جي ڀرپاسي جا معزز اڪثر ڪنگ ميڪر جي حيثيت ۾ رهيا آهن، موجوده وقت ۾ فقير طالع محمد، وڏيرو عبدالواحد سومرو، وڏيرو ابوبڪر سومرو، امين فقير مڱريو، لال محمد آريسر ۽ هڪ شخصيت جيڪو سماجي ورڪر ۽ شاعر به هوندو هو محمد يامين مسرور سومرو ، پاڻ اليڪشن وڙهڻ کان وٺي علائقي جا مسئلا هر فورم تي پهچائڻ لاءِ جدوجهد ۾ رهيو. ٻيا به ڪافي ڪردار موجود آهن هتي نوڪري پيشه ۽ ڪاروباري طبقو گهڻو آهي، گڏوگڏ ديني تعليم جو وڌيڪ رجحان آهي، سڄي علائقي ۾ جديد تعليم ۽ تقريبن هر گهر ۾ ڪو حافظ يا مولوي موجود آهي، ڇوڙ ريلوي اسٽيشن جي زمين وقف (ڏان) ٿيل آهي، جيڪا ڀور جي ٺاڪر جي ڏاڏا صاحب ڪئي هئي، انهيءَ خاندان جو فرد ڪمرسنگهه ٺاڪر هن وقت به ڇور جي حويلي ڳوٺ ۾ رهندڙ آهي. هتي هڪ عاليشان ريسٽ هائوس هو ، جتي ڪنهن وقت ڪمشنر صاحب يا ڪمانڊر اچي آرام ڪندا هئا يا ريلوي جا آفيسر اهو ڊاڪ بنگلو استعمال ڪندا هئا، ياد رهي ته راجا اميد سنگهه جي فيملي جڏهن هتي ايندي هئي ته انهيءَ ريسٽ هائوس ۾ رهندا هئا، حويلي ڳوٺ مشهور راڳي استاد شفيع فقير جو پڻ ڳوٺ آهي.