ليکڪ: سليم صافي
عمران خان تبديلي لاءِ اقتدار ۾ آندو ويو هو ۽ الحمدالله پنهنجو وعدو پورو ڪري هو هر طرف تبديلي ئي تبديلي کڻي آيو آهي، اڪثر تبديليون اهڙيون جيڪي اسان کي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڏسڻ لاءِ ملي رهيون آهن، مثال طور پراڻي پاڪستان ۾ صرف مخالف ڌر احتجاج ڪندي هئي ۽ اها اسيمبلي جا معاملا هلائڻ نه ڏيندي هئي پر حڪومت صبر کان ڪم وٺي منٿ ميڙ ڪري پارليامينٽ کي سٺي طريقي سان هلائڻ جي ڪوشش ڪندي هئي، پر تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اهو ٿيو آهي ته هاڻ حڪومتي ميمبر اسيمبلي اندر سيٽيون وڄائي نعرا هڻي هلڙ بازي ڪن ٿا، اها تبديلي ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ اهڙي طرح پراڻي پاڪستان ۾ هر اشو تي هر وزير هڪجهڙي راءِ ڏيندو هو، ڇو ته پارلياماني نظام ۾ هر وزير جي راءِ حڪومت جي راءِ سمجهي وڃي ٿي پر نئين پاڪستان ۾ وزيراعظم پارليامينٽ جي فلور تي چوي ٿو ته اساما بن لادن شهيد آهي، ان جو پرڏيهي وزير نه ان کي شهيد چوي ٿو ۽ نه دهشتگرد، اهو خاموشي اختيار ڪري سڄي دنيا کي حيرت ۾ وجهي ڇڏي ٿو پر اطلاعات وارو وزير جيڪو حڪومت جو ترجمان به آهي وري اساما بن لادن کي دهشتگرد قرار ڏئي ٿو. مطلب ته جيترا وات اوتريون پاليسيون! هاڻ ڇا اها معمولي تبديلي آهي؟ پراڻي پاڪستان ۾ ڪشمير کي سڀ کان وڌيڪ اهم ۽ سنجيده اشو سمجهيو ويندو هو ۽ ڪشمير بابت هر منصب سنجيده ترين وڏي قد جي ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو هو، پر نئين پاڪستان ۾ ڪشمير جي وزارت علي امين گنڊاپور جي حوالي آهي، جنهن کي اها به خبر نه آهي ته ڪلڀوشن ياديو پاڪستان ۾ آهي يا نه؟ کيس اها به ڄاڻ نه آهي ته انصاف جي عالمي عدالت ڇا آهي ۽ ڪٿي آهي؟ ايستائين جو ٽي وي تي ويهي فرمائي ٿو ته ڪلڀوشن ياديو کي نواز شريف ڀڄائي ڇڏيو آهي، ڇا اها معمولي تبديلي آهي؟ پراڻي پاڪستان ۾ جڏهن ڪنهن وزير ۽ مشير جي نااهلي ثابت ٿي ويندي هئي ته پوءِ ان جي مستقل موڪل ٿي ويندي هئي پر نئين پاڪستان ۾ ڪجهه عرصي کانپوءِ ان کي ٻيهر ان کان وڌيڪ اهم وزارت ملي وڃي ٿي، مثال طور اسد عمر کي هٽائي عمران خان عملي ثبوت ڏنو ته هو ان منصب لاءِ نااهل آهي پر ڪجهه مهينن کانپوءِ ان کي ٻيهر ان کان به اهم يعني پلاننگ جي وزارت ڏئي ڇڏي، جهڙي طريقي سان اسد عمر کي بي توقير ڪري رخصت ڪيو ويو جيڪڏهن پراڻي پاڪستان جو رهواسي هجي ها ته وري سڄي زندگي ان وزيراعظم ۽ ان حڪومت جي ويجهو به نه وڃي ها، جڏهن اسد عمر کي هٽايو ويو ته ٻئي ڏينهن تي هڪ تجزيي ڪار تجزيو ڪيو هو ته اسد عمر هاڻ پي ٽي آءِ ۾ نه رهندو پر هن طلب علم (ليکڪ) راءِ ڏني هئي ته اهو ڪيڏي به نٿو وڃي سگهي ۽ ساڳي پگهار تي ڪم ڪندو، ڇو ته عمران خان ۽ ڏاڍن جي سرپرستي کانسواءِ هو يوسي جو ميمبر به نٿو ٿي سگهي، بدقسمتي سان منهنجي اها راءِ درست ثابت ٿي ۽ ڪجهه عرصي کانپوءِ منٿ ميڙ ڪري هن ٻيهر وزارت حاصل ڪري ورتي، هاڻي ڇا اها معمولي تبديلي آهي؟ اهڙي طرح پراڻي پاڪستان ۾ غير ملڪي شهري ايم پي اي ۽ ايم اين اي به نٿي ٿي سگهيا، ڇو ته پاڪستاني قانون ۾ اهو واضح طور تي لکيو ويو آهي ته پرڌيهي شهريت وارا ماڻهو اسميبلي، سينيٽ يا صوبائي اسيمبلي جا ميمبر نٿا ٿي سگهن، پر عمران خان اڌ درجن آمريڪي ۽ برطانوي شهريت وارن کي سرڪاري منصب ڏنا. پراڻي پاڪستان ۾ دوست عرب ملڪن جو اقامو رکڻ به ناقابل معافي ڏوهه هو. ملڪ جي وزيراعظم نواز شريف کي دوست عرب ملڪ جي اقامي جي بنياد تي نااهل ڪيو ويو، جڏهن ته خواجا آصف ۽ احسن اقبال خلاف رڳو ان بنياد تي عمران خان غداري جو ڪيس ٺاهڻ چاهيو ٿي، ٻئي طرف برطانيا ۽ آمريڪا جي شهريت وارن ماڻهن ذريعي آمريڪا، برطانيا، سعودي عرب ۽ اسرائيل جهڙن ملڪن سان حساس معاملن کي ڊيل ڪيو پيو وڃي. اسان کي چيو پيو وڃي ته هي ففٿ جنريشر ۽ سائبر وار جو دور آهي ۽ اهو ته پاڪستان هن وقت انهن محاذن تي حملن جي گهيري ۾ آهي، پر غير ملڪي شهريت واري هڪ عورت کي آڻي اسان وٽ ڊجيٽلائيزيشن جا معاملا ان حوالي ڪيا ويا، پراڻي پاڪستان ۾ جيڪڏهن وزيراعظم ائين ڪري ها ته ان کي سيڪيورٽي رسڪ ڊڪليئر ڪري ٻاهر اڇلايو وڃي ها، پر نئين پاڪستان ۾ ان جو نوٽيس ئي نه پيو ورتو وڃي، هاڻ ڇا اها معمولي تبديلي آهي؟ پراڻي پاڪستان ۾ جيڪڏهن ڪنهن حڪومتي عهديدار کي ڪنهن الزام تحت فارغ ڪيو ويندو هو ته پوءِ ان جي معاملن جي جاچ به ٿيندي هئي پر هتي افتخار دراني کي رپورٽن جي بنيادن تي فارغ ڪيو ويو پر اڄ تائين قوم اهو نٿي ڄاڻي ته کيس فارغ ڇو ڪيو ويو؟ قوم کي ڪا به خبر نه آهي ته انيل مسرت وزيراعظم جي اڳيان پويان ڇو نظر ايندو هو؟ ۽ پوءِ ڇو غائب ٿيو؟ نديم بابر کي غير ملڪي شهريت باوجود صلاحڪار ڇو بڻايو ويو هو ۽ ڇو فارغ ڪيو ويو؟ پرويز مشرف، نواز شريف ۽ آصف علي زرداري جي حڪومتن ۾ مزا وٺندڙ يوسف بيگ مرزا کي حڪومتي عهدو ڇو ڏنو ويو ۽ پوءِ ڇو کيس فارغ ڪيو ويو؟ ۽ هاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر اهو سرڪاري نوٽيفڪيشن کانسواءِ ڪهڙي حيثيت ۾ وزيراعظم هائوس ۾ ويهي ميڊيا جا معاملا ڏسي رهيو آهي؟ پراڻي پاڪستان ۾ گرمي ۾ بجلي جي کوٽ هوندي هئي ۽ سياري ۾ گئس جي پر نئين پاڪستان ۾ اسان سياري ۾ به بجلي جي لوڊشيڊنگ ڏٺي ۽ هاڻ گرمي ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ ڏسي رهيا آهيون، هڪ طرف اسان کي وزير ۽ مشير ٻڌائي رهيا آهن ته نواز شريف حڪومت پاور پلانٽ لڳائي ايتري بجلي پيدا ڪئي آهي جو ايندڙ 10 سال به ان کي پوري طرح استعمال ۾ نٿو آڻي سگهجي، پر ٻئي طرف پوري ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ عوام جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي، هاڻ ڇا اها معمولي تبديلي آهي؟