ليکڪ: محمد اسماعيل لانگاهه
نائين اليون تي جڏهن ورلڊ ٽاورن تي حملو ٿيو ته ان کانپوءِ آمريڪي صدر جارج ڊبليو بش دهشتگردي خلاف جنگ جي شروعات ڪندي افغانستان مٿان اهو سوچي چڙهائي ڪئي هئي ته جلد اهي افغانستان کي فتح ڪري وٺندا، ٺيڪ ان وقت لڳي ٿو ته آمريڪين کي اها ڳالهه ياد نه هئي ته هي ساڳيو افغانستان آهي، جنهن جي جهادي تنظيمن کي پئسا ڏئي هنن روس جهڙي سپر طاقت کي ٽوڙيو ۽ وري پاڻ انهن ساڳين جهادين کي دشمن ۽ دهشتگرد ڪوٺي انهن کي مارڻ لاءِ حملو ڪيو، هنن پنهنجي مفاد واري جنگ ۾ افغانستان جي پاڙيسري ملڪ پاڪستان کي به ڌڪي ڇڏيو ۽ ٺيڪ 20 سالن کانپوءِ آمريڪا کي اهو احساس ٿي ويو آهي ته طاقت جو انڌ ۽ سپر پاور فوجي ڪنهن ٻئي ملڪ جي فوج کي شڪست ڏئي سگهن ٿا پر عوام کي نه، انهن 20 سالن واري جنگ ۾ آمريڪا هزارين افغاني مارايا ۽ بدلي ۾ انهن جهادين جي نيٽ ورڪ پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪاررواين، بم ڌماڪن ۽ آپگهاتي حملن ۾ وري هزارين پاڪستاني شهيد ڪيا. اسان جي حڪمرانن هن وقت تائين جيتري تابعداري آمريڪا جي ڪئي آهي، جيڪڏهن ايتري چائنا جي ڪن ها ته شايد آمريڪا جي سفارشن تي ايتريون پريشانيون پيش نه اچن ها ۽ جڏهن ته آمريڪا ڪنهن به مسلمان ملڪ تي حملي جي رٿابندي ڪندو آهي، ان وقت هو ضرور چاهيندو آهي ته پاڪستان ۾ نالي ماتر جمهوريت جهڙي آمريت هجي. ڪو جنرل حڪمران هجي ۽ هن وقت به لڳي ٿو ته آمريڪا بهادر اهڙي سٽ سٽي آهي، افغانستان مان نڪرڻ کان اڳ ئي هن پاڪستان جي جمهوري وزير اعظم تي اهو زور ڀريو آهي ته اهو آمريڪا کي پاڪستان ۾ اڏا ڏئي، جنهن جي جواب ۾ عمران خان آمريڪا کي ٺُپ جواب ڏنو آهي، جيڪو جواب آمريڪا ڪڏھن به دل سان قبول نه ڪندو، جيڪڏھن هن وقت آمريڪي فوجون نڪرن ٿيون ته انهن کي سڌو ملڪ واپس ڪيو وڃي، باقي پاڪستان ۾ رهائڻ جو ڪهڙو سبب، في الحال ته آمريڪا جي ان مطالبي کي وزير اعظم سڌو سنئون قبول نه ڪيو آهي ۽ موٽ ۾ جواب به ڏئي ڇڏيو آهي ته پاڪستان جي قربانين تي آمريڪا سدائين شڪ شبها ڪندو رهيو آهي ۽ اسان پنهنجا هزارين بيگناهه ماڻھو شهيد ڪرايا، سفارتي لاڳاپا ٽوڙڻ نٿا چاهيون پر اڏا نه ڏينداسين، آمريڪا جو هن وقت افغانستان مان نڪرڻ ڪنهن وڏي شڪست کان خالي ناهي، پوري افغانستان ۾ افغان طالبان هڪ ڀيرو ٻيهر متحرڪ ٿي چُڪا آهن، آمريڪا به ذهن ۾ اهو رکي ڪري نڪرڻ چاهي ٿو ته ڪٿي روس جهڙو حشر نه ٿئي، هن وڏي منصوبا بندي سان اهو فيصلو ڪيو آهي پر پاڪستان لاءِ آمريڪي فيصلو بلڪل پريشاني جو سبب بڻجي ويو آهي، جنهن جي پس منظر ۾ گهرو وزير شاهه محمود قريشي به بيان جاري ڪيو آهي ته افغانستان ۾ گهرو ويڙهه سبب سڀ کان گهڻو پاڪستان متاثر ٿيندو، ٿي سگهي ٿو ته آمريڪا جو افغان مان نڪرڻ ۽ ايران ۾ نئين صدر جي چونڊ وچ ايشيا ۾ وري هڪ وڏي جنگي ڇڪتاڻ جو سبب بڻجي وڃي، ايران جي نئين صدر ايراني عوام جي خيالن جي روايتن مطابق پنهنجي ائٽمي پاليسي کي جاري رکڻ ۽ آمريڪا سان ان معاملي تي ڪي به ڳالهيون نه ڪرڻ جو چٽو موقف ڏنو آهي، ھوڏانهن اسرائيلي حڪومت جيڪا هر وقت ايران کي پاڻ لاءِ خطرو سمجهي ٿي، هن ايران جي نئين چونڊيل صدر ابراهيم رئيسي جي ڪاميابي کي دنيا لاءِ پريشاني قرار ڏنو آهي، جوبائيڊن، ابراهيم رئيسي، عمران خان ۽ شاهه سلمان هن وقت ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، جيتوڻيڪ هن وقت پاڪستان ۾ جمهوري حڪومت آهي ۽ آمريڪا افغانستان مان نڪري پاڪستان ۾ رهڻ چاهي ٿو، نيٺ ان جو مقصد ڪهڙو آهي؟ ان جو سادو جواب اهو آهي ته هو پاڪستان جي سرزمين تان افغانستان ۽ ايران ۾ جنگ وڙهڻ چاهي ٿو ۽ پاڪستان اهڙي جنگ جي مفاد ۾ نه آهي، نه وري آمريڪا کي پنهنجي سرزمين ڏيڻ ۾، جنهن کانپوءِ معاملو ڏکيو ٿيندو پيو وڃي، اڏا نه ڏيڻ تي پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف جهڙي پليٽ فارم تي پريشان ڪيو پيو وڃي. پاڪستان جو عوام به آمريڪي تابعداري جو سخت مخالف آهي، آمريڪا اڏا ملڻ جي پڪي خاطري نه ملڻ تي في الحال پنهنجا فيصلا ترڪ ڪري سگهي ٿو ۽ شايد فوجون به افغانستان مان سڌو آمريڪا روانيون ٿين، پر ايران ۽ شام هن وقت پوري ٽارگيٽ تي آهن، رمضان المبارڪ دوران فلسطين ۽ اسرائيل معاملي تي حماس پاران وڏي پئماني تي اسرائيلي ٺڪاڻن تي ٿيل حملن ۾ اسرائيل ۽ آمريڪا پنهنجي ان ڪاوڙ کي ڪڏھن به ختم نه ڪندا بحرحال آمريڪي فوج جي افغانستان مان واپسي ۽ پاڪستان کي اڏن لاءِ ڪيل سفارش معمولي نه پر غير معمولي مسئلو آهي، ڇو ته ملڪ جون معاشي حالتون ايتريون ته سنگين آهن جو آءِ ايم ايف جهڙي عالمي اداري کان قرض وٺڻ لاءِ آمريڪا کان سفارش وٺڻي پوي ٿي، پاڪستان جيڪڏھن اهڙين حالتن ۾ جواب ڏنو ته وڌيڪ پريشانين کي منهن ڏيڻو پوندو، ۽ آمريڪا، آءِ ايم ايف ۽ ايف اي ٽي ايف جو پيل پريشر برداشت جوڳو ناهي، ٿي سگهي ٿو آمريڪا پنهنجي طاقت جو استعمال ڪرڻ لاءِ ڪونه ڪو طريقو استعمال ڪري وٺي، جيئن ضياءُ الحق کان روس کي ٽوڙڻ جو ڪم ورتو ويو، جنرل مشرف کان افغانستان تي چڙھائي جو ڪم ورتو ويو، هن وقت ايران تي حملي لاءِ اهڙو ئي رويو اختيار ڪري، آمريڪا جي ڀيٽ ۾ دنيا جي سڀني ملڪن جي پاليسي دوستاڻي هوندي آهي پر آمريڪي پالسيون ۽ دوستيون لٺ ۽ چٺ ڏيکارڻ واريون هجن ٿيون، سي به خاص طور پاڪستان لاءِ اسانجي حڪمرانن جي غلط پاليسين ۽ ملڪي ناڻن جي لُٽ مار سبب اسين هروقت آءِ ايم ايف ۽ پاڙيسري ملڪن جي پئسن تي ڀاڙڻ سبب اڄ تائين پنهنجي معيشت کي بهتر نه ڪري سگهڻ جون سزائون لوڙي رهيا آهيون، تڏھن ته اسان کي آمريڪا جا مطالبا مجبور ٿي تسليم ڪرڻا پئجي وڃن ٿا، جن ۾ قرباني ۽ رت صرف عوام ڏئي ٿو ۽ حڪمران فائدو کڻندا رهيا آهن، جيڪڏھن هن ڀيري به اهڙي غلطي کي ورجايو ويو ته پاڪستان جون حالتون وري خراب ٿي سگهن ٿيون، جنهن جو انديشو خود پاڪستان جي گهرو وزير پڻ ڪيو آهي ته آمريڪي فوج جي نڪرڻ سان افغانستان ۽ پاڪستان ٻنهي لاءِ حالتون سازگار نه ٿينديون، جڏھن ته آمريڪا جي نڪرڻ کان پهرين ئي پوري افغانستان ۾ افغان طالبان وڏي پئماني تي قابض ٿي ويا آهن، جيڪا آمريڪا نه پر پوري خطي جي لاءِ خطري جي گهنٽي آھي.